ٽنڊي باگي ۾ بدامني، چورين ۽ منشيات جي وڪري خلاف ڌرڻو

ٽنڊوباگو (رپورٽ: دوست محمد چانڊيو) ٽنڊي باگي تعلقي ۾ وڌيل بدامني ۽ چورين جي آزار ۽ منشيات جي وڪري  خلاف  ٽنڊوباگو ۾ مين تلهارباءِ پاس کان پاڪستان ڪولھي اتحاد   سول سوسائيٽي ۽ عوامي تحريڪ  جي طرفان  مھراڻ درس،  اياز کوسو، رامجي ڪولهي، جيون ڪولهي، پاڪستان ڪولھي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻن لال چند ۽ ڊاڪٽرپنھون پھلاج  ڪامريڊ ڪرشن ڪولھي  بابو ڪولھي جي اڳواڻي سوين ماڻھن پاران ٽنڊي باگي  تعلقي ۾ چورين جي آزار سميت منشيات جي وڪري ۽ پوري تعلقي ٽنڊي باگي ۾ بدامني چوٽ چڙھي وڃڻ واري  عمل خلاف تلهارباءِ پاس کان شھر جي مين باگو واهه پل تائين احتجاجي مظاھرو ڪڍي ڌرڻون ھنيو ويو اڳواڻن جو چوڻ آھي ته پوري تعلقي ٽنڊي باگي اندر منشيات چورين سميت بدامني چوٽ چڙھيل آھي پر ايس پي بدين ڪوبه نوٽيس نٿو وٺي جنھن ڪري عام ماڻھو ۽ شريف شھرين کان روز چوري ڦر سميت منشيات فروشن جي منھن ماري عام آھي جنھن ڪري شريف شھري سخت پريشان آھي ُھنن وزير اعلي سنڌ  آ۽ جي سنڌ سميت ھا۽ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان فورن نوٽيس وٺي بدامني ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.