سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي:اي جي پي

گلشن اقبال (ن ع آ) ع ج پ جي مرڪزي اڳواڻن غلام قمبر حاجاڻو، حريف چانڊيو ،رشيد سڌايو ،لعل محمد چانڊيو چيو آهي ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي ته جيئن بدحالي جي ور چڙهي وڃي رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ساريالي فصل جي رونبي ۾ ٻه مهينا دير ٿي وئي آهي هنن چيو ته نادرا اختياريون سنڌ واسين جي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ تي اعتراض پر ڌارين توڙي دهشتگردن کي رشوت عيوض ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهي آهي 50 لک ڌارين جو غيرقانوني ڪارڊ جاري ڪرڻ نادرا جي اهليت تي سواليا نشان آهي ۽ اهو عمل سنڌين جي وسيلن ۽ شهرن تي قبضي ڪرڻ جي سازش آهي سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو ويو آهي بحريا ٽائون جي ظلمن سان گڏ هاڻ اينگرو ڪمپني ٿر واسين سان ظلم ڪري رهي آهي دودو ڀيل جي قتل ۾ پوليس ۽ ٻي انتظاميه سڌي ريت ملوث آهي قاتلن تي ايف آئي آر داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.