سکر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف مظاهرو

سکر (رپورٽر) سکر ضلعي ۾ وڌندڙ بد امني ۽ منشيات واري صورتحال خلاف سکر جي سماجي تنظيم فاطمه ملڪ ويلفيئر ٽرسٽ جي ڪارڪنن پاران سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي صوبائي صدر غلام مصطفيٰ ميراڻي، نائب صدر مير غلام مجتبيٰ،محمد سلمان، گل حسين، علي خان، اقرار احمد،  ذوالفقار علي ۽ ٻين چيو ته سکر سنڌ جو امن پسند ضلعو آھي پر ڪجھ امن جي ويري عناصرن امن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته سکر پوليس جي ناقص ڪارڪردگي سبب  سکر شھر ۾ روزانو ڦر لٽ، چورين ۽ ڌاڙان جون وارداتون ٿي رهيون آھن جنهن ڪري شھري، واپاري، دوڪاندار، پورهيت ۽ عام شھري سخت پريشان آھي سکر ۾ سماجي برايون ۽ منشيات جو وڪرو کلي عام ٿئي پيو پر پوليس سماجي براين، منشيات فروشي سميت ڏوهي وارداتن کي روڪڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي، سماجي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سکر واسين کي بدامني کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻندي ڪچي جيان پڪي ۾ به ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾آڻي سزائون ڏياري سکر واسين کي رليف ڏنو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.