بدانتظامي سبب سنڌ کنڊر بڻجي وئي آهي:نواز زنئور

عمرڪوٽ (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي تي بدانتظامي سبب سنڌ ترقي نه ڪري سگھي آھي چونڊيل نمائيندا سنڌ جون بجيٽون تين وال ڪن ٿا شھر کنڊر بڻيل آھن جيڪڏھن شھرن ڳوٺ جي بجيٽ خرچ ڪئي وڃي ته شھر خوبصورت نظر ايندا ھتي ڪامورا چونڊيل نمائيندا مال غنيمت سمجھي سڀ پئسا ھڙپ ڪن ٿا۔اھڙو اظھار ھن ڇور ۾ قومي ڪارڪن غلام رسول مگريو سان ماء جي وفات تي ساڻس تعزيت بعد قومي ڪارڪنن سان ڳالھائنيدي ڪيو نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته قومي ڪارڪن پرامن سياست جاري رکن جيڪا سنڌ جي خوشحالي آجپي ۽ نجات جي جدوجھد ضامن آھي جدوجھدون ئي سگھ طاقت بخشينديون آھن سنڌي قوم پرامن قوم آھي جيڪا عدم تشدد جي نظرئي تحت جدوجھد ڪري رھي آھي۔انھي موقعي ته محمد علي خشڪ۔عبدالا ميراڻي۔علي رضا خاصخيلي۔گلشير چانگ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.