ڀرياسٽي لڳ ٽرالر ڊرائيورن ۾ جهيڙو، ٻه زخمي، روڊ بلاڪ

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي ويجھو قومي شاھراھ تي التاج پيٽرول پمپ لڳ سائيڊ نه ڏيڻ تان ٻن ٽرالر ڊرائيورن ۾ جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڊرائيور وحيد احمد ۽ محمد نصير زخمي ٿي پيا، زخمي ٽرالر ڊرائيورن ٽرالر قومي شاھراھ تي بھاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو۔ جڏھن ته اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس ۽ موٽر وي واقعي واري ھنڌ پھچي روڊ کولرائي بند ٽريفڪ بحال ڪرائي زخمين ڊرائيورن  کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏھن ته پوليس چئن ٽرالر ڊرائيورن نديم جھڪ ، احسن رسول جھڪ ۔نياز علي چانڊيو ۽ محمد اعجاز ڀٽو کي ٽرالرن سميت حراست وٺي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ زخمي محمد نصير ۽ وحيد ٻڌايو ته اسان ڪراچي کان ڪارون لوڊ ڪري ملتان وڃي رھيا ھئا سين ته ڪراسنگ دوران سائيڊ نه ڏيڻ تان چيو ته مخالف ٽرالرن وارن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آھي ۽ روڪ رقم ۽ موبائيل فون پڻ کسي ويا آھن ۔ان سلسلي ۾ ڀرياسٽي ٻڌايو ته سائيڊ نه ڏيڻ تان ٽرالر ڊرائيورن ۾ جھيڙو ٿيو آھي ٻنھي ڌرين کي حراست ۾ ورتو آھي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.