نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نوشهروفيروز ضلعي جي تعلقي ڪنڍياري جي ٿاڻي محبت ديرو ٿاڻي جي حد ۾ 10 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ڳوٺ بکري واسي نوجوان شاهجهان چهواڻ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي چهواڻ برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي قاتلن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ محمد شريف چوهاڻ، دين محمد، قلندر بخش، مولا بخش، ڪفايت، گلشير علي چوهاڻ، نديم ميمڻ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته شاهجهان چهواڻ محبت ديرو ۾ بااثر وڏيري عبدالغفار ڏهراج جي پئٽرول پمپ تي منشي طور ملازمت ڪندو هو جيڪو واقعي جي ڪجهه ڏينهن اڳ ملازمت ڇڏي چڪو هو. هنن الزام لڳايو ته ملازمت ڇڏڻ جي باوجود بااثر غفار ڏهراج کيس ڌوڪي سان گهرائي پنهنجي ساٿين جي مدد سان کيس بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش ٻيٽون جتوئي روڊ تي اڇلائي ڇڏيو هو، مقتول جي خون سان انصاف تائين جدوجهد جاري رهندي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.