واهي پانڌي ۾ پورهيتن تي فائرنگ خلاف مظاهرو

واهي پانڌي (ن ع آ)واهي پانڌي ڪاڇي جي مرڪزي شھر واهي پانڌي ۾ پورهيتن تي سڌي فائرنگ ڪندڙ بااثر وڏيري ڪاشف جمالي خلاف شھرين جي فرياد تي واھي پانڌي پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف شهرين جو پوليس جي خلاف، مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  جنهن ڪري پنج ڪلاڪن تائين واهي پانڌي ۽ گورک روڊ سان ايندڙ ويندڙ  ٽريفڪ معطل ٿي وئي، شاميانا رکي نٽھڻ اس تي ڌرڻو ھڻي ويٺل شھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عزيز رستماڻي، اڪبر رستماڻي، ديدار، ڀائي خان لاشاري ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينهن بيااثر ڪاشف جمالي ٽيوب ويل جي هلندڙ بور تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي سڌي فائرنگ ڪئي پورهيت معجزياڻي طور نقصان کان بچي ويا فرياد پوليس وٽ بار بار وڃڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھي جنهن ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي ٻئي پاسي پنج ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي بااثر جوابدار ڪاشف جمالي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو جنهن بعد واھي پانڌي ٿاڻي تي علي جان ولد محمد ھاشم رستماڻي جي فرياد تي  گناھ نمبر 25/2021 قلم  قلم 324, 147,148,149, 504/337 پي پي سي تحت ڪاشف جمالي، محسن جمالي، مور رستماڻي، سليم رستماڻي ۽ ھڪ نامعلوم سميت پنج جوابدارن خلاف واهي پانڌي ٿاڻي تي ڪيس داخل ويو آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.