خيرپور جي يونيورسٽي ۾ جهيڙو، 3 شاگرد گرفتار

خيرپور ( رپورٽ شاهد نواز سيال  ) مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ شاگردن ۾ جهيڙو، بي سيڪشن ٿاڻي تي شاگردن جي هڪ ڌر عبيدالله ڏاهاڻي جي فرياد تي  8 شاگردن خلاف ڪيس داخل، 3 شاگرد گرفتار ڪري پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، تفصيل موجب  مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ شاگردن عبيدالله ڏاهاڻي ۽  احمد نائچ   جن ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل  شاگرد عبيد الله ڏاهاڻي جي فرياد تي 8 شاگردن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، هن سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته بي سيڪشن پوليس جهيڙي واري ڪيس ۾ نامزد ٿيل 3 شاگردن صدام ، شهاب ،عنايت نائچ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، هن سلسلي ۾ بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو ،جنهن جو قانون موجب ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ڪيس ۾ 3 نامزد ٿيل جوابدار شاگردن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.