سيٺارجن ۾ نينگر سان بدفعلي، 5 ڄڻا گرفتار

سيٺارجا (ن ع آ ) سيٺارجا شهر اندر ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 11 سالا نينگر وقاص ڀٽو کي دوستي رکڻ بعد غير اخلاقي فوٽو ڪڍي ۽ ويڊيو رڪارڊ ڪري بليڪ ميل ڪري 5 کان وڌيڪ جوابدارن پاران ڪيترائي ڏينهن جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ متاثر نينگر وارثن سان گڏجي سيٺارجا ٿاڻي تي پهچي دانهيو آهي تہ جوابدار علي ڏنو ڪٻر ۽ سندس ساٿين غير اخلاقي ويڊيو رڪارڊ ڪري ۽ فوٽو ڪڍي بليڪ ميل ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين جنسي حوس جو نشانو بڻايو آهي نينگر پوليس کي ٻڌايو آهي تہ جوابدارن پاران اهڙي عمل بابت ڪنهن کي بہ ٻڌائڻ جي صورت ۾ جاني نقصان رسائڻ ۽ ويڊيو ۽ فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون ۽ مون خوف وچان گهر ڀاتين سان اهڙو ذڪر نه ڪيو هن ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار علي ڏنو ڪٻر نينگر کي اعتماد ۾ وٺي ساڻس دوستي رکي کيس  شهر ۾ هڪ جائي تي وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ سندس غير اخلاقي تصويرون ۽ ويڊيو ٺاهي جيڪي بعد ۾ هن پنهنجي گروپ جي ٻين دوستن کي اهڙيون تصويرون ۽ ويڊيوز ڏنيون جن اهڙين تصويرن ۽ ويڊيوز جي بنياد تي مذڪوره نينگر کي بليڪ ميل ڪري حوس جو نشانو بڻائيندا رهيا جنهن بعد اهڙي ويڊيو ۽ تصويرون ڪنهن ذريعي سان نينگر جي وارثن تائين پهتيون جنهن بعد اهڙي انتهائي ڪريل عمل جو انڪشاف ٿيو ٻئي طرف سيٺارجا پوليس الزام هيٺ آيل مک جوابدار علي ڏنو ڪٻر سميت ضمير ٻوهيو عطا حسين ڪٻر جمن ڪٻر ۽ ڪجھ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.