سيٺارجن لڳ هٿياربند نينگري کي اغوا ڪري ويا

سيٺارجا (ن ع آ ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميوو شيخ جي رهواسي نوجوان  عبدالغفور لُنڊ ۽ رشتيدار الهڏتو لُنڊ سان گڏجي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته 5 ڏينهن اڳ منهنجي ڀيڻ 14 سالا رشيدان ڌي ارشاد لُنڊ کي گهوٽڪي جو رهواسي محمد اعظم لُنڊ زبردستي  مبينا طور اغوا ڪري کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي مختلف علائقن مان مسلسل ڳولها ڪرڻ باوجود ڪٿي بہ سندن جو ڪوڏس پتو نه ٿو ملي ۽ محمد اعظم وارا پنهنجا گهر خالي ڪري گم ٿي ويا آهن جن جي خلاف سيٺارجا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر سندس خلاف ڪابہ ڪاروائي  نه ٿي سگهي آهي هنن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي آهي ته منهنجي ڀيڻ کي اغوا ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪري بازياب ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.