ڪشمور ۾ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر هڪ فوت

ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور پي پي ايل اسٽور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ تنگواڻي واسي پوليس اهلڪار عبدالرحمان بکراڻي ۽ ڪار ڊرائيور دلمراد گجراڻي زخمي ٿيو پوليس اھلڪار ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور اچي رهيو هو ته سامهون ايندڙ ڪار سان زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيو زخمي پوليس اهلڪار کي ڪشمور سول اسپتال مان طبعي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ڪشمور پوليس ڪار ڊرائيور دلمراد گجراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.