ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرارن ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ ريلي

ڪشمور(ن ع آ) ڪشمور ۾ عوامي ورڪر پارٽي يونٽ پاران قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ علمدار چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن عبدالحميد کوسو محمد علي کوسو، غفور لاشاري، غلام جيلاني منگي، علي مراد چاچڙ، رفيق احمد چنا ۽ ٻين شھرين پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ان موقعي تي ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اندروني سندھ جي مختلف ضلعن سان گڏ ڪشمور ۾ مسلسل قيمتي انساني جانيون قبيلائي تڪرارن جي نالي تي ضايع ٿي رهيون آهن جديد هٿيارن سان ليس ڪچي جا ڏوھاري مسلسل پوليس جي جوانن کي شھيد ڪن ٿا  ڏوھن ۽ قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاء سندھ اسيمبلي قانون سازي ڪري پوليس اصلاحات ڪري ڏوھن تي قابو پائڻ لاء پوليس کي جديد سھولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ جديد اسلحي جي ڪچي وڃڻ جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کنيا وڃن امن امان کي يقيني بڻايو وڃي رياست کان عوامي ورڪرز پارٽي جي مزدورن جي اڳواڻن  سينگار نوناري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.