ڪنڊيارو جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪورونا جي وڪسين لڳائي وئي

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) ڪنڊيارو جي سليم آباد،موڙاٺ، محبت ديرو،مراد ڪلهوڙو،ڪوٽ غلام شاهه،تنيا بقا شاهه ۽ ٻين ڳوٺن ۾ موبائل ٽيمن ذريعي ڪورونا بيماري کان بچاءَ واري ويڪسين  ڪيمپون لڳايون ويون.موڙاٺ ۾ ڊاڪٽر جنسار علي سومرو،ڊاڪٽر منير چنه، عطاءُ الله ميمڻ، محبت ديرو ۾ ڊاڪٽر هيرانند،ڪنڊيارو جي سليم آباد ۾ ڊبليو ايڇ او جي اڳوڻي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر غلام علي سولنگي ۽ محلي جي ٻين معززين جي خاص سهڪار سان لڳايل ڪيمپ ۾ ڪنڊيارو محرابپور تعلقن جي پي پي ايڇ آءِ نيوٽريشن ٽيم اسلم عباسي،فاروق علي گهانگهرو،اعجاز ٻڌ،آصف چنه،عبدالستار لاکير،جنسار عباسي،آفتاب چانگ،اسحاق ڀٽي،نديم ملڪ،عبدالوحيد ابڙو ۽ بي ايڇ يو پلس محبت ديرو جي ويڪسينيٽر سڪندر شاهه پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا

رتوديرو لڳ ڪار جو موٽر سائيڪل ٽڪر ، ٻه زخمي

رتوديرو ( ن ع آ ) رتوديرو، نئون ديرو باءِ پاس تي روڊ حادثو ٿي پيو جنهن ۾ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا شهر جي نادر شاهه محلي جو رهواسي 16 ورهين جو بابر وڌيو ۽ موٽڻ پور محلي جو رهواسي 20 ورهين جو حسنين سومرو زخمي ٿي پيا، ٻنهي زخمين کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو جڏهن ته بعد ۾ اتان زخمي حسنين سومرو کي علاج لاءِ لاڙڪاڻو اماڻيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.