حيدرآباد ۾ بدامني جي باهه، 4 وارداتون، شهري غير محفوظ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڦرلٽ جون 4 وارداتون ٿيون. مارڪيٽ جي هيرآباد واري علائقي ۾ اڻڄاتل چور جنرل اسٽور جا تالا ٽوڙي 40 هزار رپيا روڪ رقم ۽ سامان کڻي فرار ٿي ويا. ڄاڻايل علائقي ۾ چورن فرحان قريشي جي جنرل اسٽور جا تالا ٽوڙي 60 هزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کنيو. الائيٽ سئنيما واري علائقي مان اڻڄاتل ڦورو ايزي لوڊ جي دڪان تان 3 لک رپيا روڪ رقم ۽ ڊوائيز مشين ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس ٽنهي واقعن جي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته روزانو ڦرلٽ جا واقعا ٿي رهيا آهن پر پوليس واقعن ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.