ٽنڊي مستي لڳ اغوا ٿيل مامي ۽ ڀاڻيجي جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب

خيرپور )ڊ ر) ٽنڊومستي پوليس ٿاڻي جي حد مان چار ڏينهن اڳ ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڪانڌڙو جا رهواسي عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويل مامو ڀاڻيجو جي بازيابي جي لاءِ وارثن کان ڌاڙيلن پاران 8 لک روپيه ڀنگ طور موبائيل فون وسيلي رقم طلب ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ مغوين جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چار ڏينھن اڳ مسعود علي ڪانڌڙو ۽ سندس ڀاڻيجو مختيار ڪانڌڙو ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي گهران  نڪري ويا هئا جن جو موبائل فون بند ٿي ويو آهي جنهن ڪري اسان سخت پريشان ٿي وياسين بعد ۾ اسان اهڙو اطلاع  ٽنڊومستي پوليس کي ڏنو ان جي باوجود اسان سان پوليس ڪوبه ڳولها ۾ تعاون نه پئي ڪري هنن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڌاڙيلن پاران لکين رپيا ڀنگ گهريو ويو آهي، غريب آهيون ڀنگ نه ٿا ڀري سگهون، هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جا نوجوان بازياب ڪرائڻ  ۾ مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن ايس ايس  پي خيرپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مسعود ۽ مختيار ڪانڌڙو جا موبائيل نمبر ٽريس ڪرايا ويا آهن مغوي خيرپور مان نه پر پنو عاقل مان اغوا ٿي ويا آهن تنهن ڪري وارث ايس ايس پي سکر سان رابطو رکن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.