شيخ ڀرڪئي واسي نوجوان حيدرآباد جيل ۾ فوت، لاش رکي ڌرڻو

شيخ ڀرڪيو(ن ع آ)ڪجھ ڏينهن پهرين ٽنڊو محمدخان سٽي پوليس پاران ڪچي شراب ۾ گرفتار ڪيل نوجوان قربان سولنگي کي ڪورٽ پاران نارا جيل حيدرآباد ۾ موڪليو ويو جڏهن ته نوجوان قربان سولنگي رات ديرسان نارا جيل ۾ فوت ٿي ويو اهڙي اطلاع فوتي جي وارثن کي ڏني وئي ته توهان جي نوجوان ناراجيل ۾ فوت ٿي ويو آھي جنهن جو لاش سول اسپتال حيدرآباد جي سرد خاني ۾ پيل آھي اهڙي اطلاع ملڻ کان پوء فوتي نوجوان جا وارث سول اسپتال حيدرآباد پهتا جتي فوت ٿيل نوجوان جي وارثن لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرايو ان کان پوء لاش کي وارثن کڻائي شيخ ڀرڪيو پهتا جتي سولنگي برادري جي سوين ماڻھن لاش شيخ ڀرڪيو جي مين چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهريو ڪيو ۽ ٽنڊو محمدخان پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي موقعي تي مظاهرين منٺار سولنگي،سردار امير سولنگي، امين سولنگي، ايڊووڪيٽ عبدالرشيد سولنگي مالڪ ڏنو سولنگي، سنڪدر  سولنگي ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊومحمدخان پوليس اسان جي نوجوان قربان کي ڪجھ ڏينهن پهرين ڪچي شراب جي ڪوڙي ڪيس داخل ڪيو هو جڏهن رات ديرسان نارا جيل پاران اسان کي اطلاع ڏنو ويو ته توهان جو نوجوان جيل اندر فوت ٿي ويو آھي هنن چيو ته اسان جي نوجوان کي ڪچي شراب جي ڪوڙي ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو هو هنن چيو ته قربان سولنگي هڪ مزدور هو جيڪو مزدوري ڪري پنهنجي گهر جو گاڏو هلايندو هو ٽنڊو محمدخان پوليس هن کي ڪچي شراب جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ کان پوء هن تي پوليس سخت تشدد ڪيو هو ان تشدد جاسور نه سهندي اسان جو نوجوان فوت ٿيو جيڪو سئين سڌي پوليس ناانصافي ڪئي آھي هنن چيو ته فوتي نوجوان جو قتل ڪيس ڊي ايس پي سٽي، ايڇ ايڇ او سٽي ۽ وڏو منشي سٽي ٽنڊو محمدخان تي داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ انهن تي قتل ڪيس داخل نه ٿيو ته اسان سولنگي برادري پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪنداسين هنن وزير اعلا سنڌ، آء جي سنڌ، کان مطالبو  ڪيو ته هن معاملي جو فوري نوٽس وٺي سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.