پيرڳوٺ ۾ چوري، ٻه نينگريون ۽ هڪ نينگر سوگهو

پيرجوڳوٺ  ( ن ع آ ) پريالوءِ شهر جي مين بازار ۾ سيد حيدر شاهه جي موبائيل شاپ تان لکين روپيه رقم چوري ڪندي ٻه نينگرين ۽ هڪ نينگر کي سوگھو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گروهه جا اڳواڻ عورت ۽ مرد فرار ٿي ويا. بعد ۾ سوگھو ڪيل نينگر ۽ نينگرين کي پريالوءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته گذريل ڪجھ ڏينهن کان هڪ گروهه ننڍي عمر جي ٻارڙن کي استعمال ڪندي سکر، خيرپور، پيرڳوٺ، پريالوءِ ۽ ٻين شهرن جي وڏن دڪانن مان لکين روپين جي چوري ڪرائيندا هئا. ڪجھه مهينا اڳ پيرڳوٺ شهر ۾ سيد منير شاهه جي موبائيل شاپ تان پڻ لکين روپين جي چوري ڪئي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.