شهدادڪوٽ لڳ ڪارنهن الزام هيٺ فائر ڪري نوجوان ناري قتل

شھدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ ڀرسان ڏير ڪارنھن جي الزام ۾ پنهنجي نوجوان ڀاڄائي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو,سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ اعظم بروھي ۾ ڏير نياز بروھي پنهنجي نوجوان ڀاڄائي نظيران زال کبڙ بروھي کي ڪارنھن جي الزام ۾ بندوق جا فائر ڪري  قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو,ھوڏانھن اطلاع تي سنجرڀٽي پوليس واقعي واري ڳوٺ پھچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال کڻائي آندو جتان ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيو,ٻي پاسي رابطي ڪرڻ تي وڏي منشي سڪندر ڪلھوڙي صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار ڏير نياز بروھي پنهنجي ڀاڄائي مسمات نظيران بروھي کي ڪارنھن جي الزام ۾ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گرفتاري لاء پوليس ڪوششون ڪري رھي آهي,ھوڏانھن  آخري اطلاعن تائين عورت جي قتل جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.