ڪشمور پوليس جي سکر واسي ٻن ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪشمور(ن ع آ)ڪشمور پوليس  مبينا مقابلي ۾ سکر واسي ٻن ڄڻن ھاشم ميراڻي سھراب ميراڻي کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي، ڏھ ڏينهن اڳ گيھلپور ڪچي واري علائقي مان دوست جي تعزيت لاءِ رستي سان گذرندي ڌاڙيل اغوا ڪري ڪچي ۾ مغوي بڻايو ھو ڪشمور پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ڏوهارين سان مقابلي دوران فائرنگ جي وٺ ٿي ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي رات جي انڌيري جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا آهن ڪشمور پوليس، خبر موجب ڪشمور  ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقتدار جتوئي ۽ اسپيشل ٽيمن رائونتي ڪچي واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ سکر واسي محمد ھاشم ميراڻي ۽ سھراب ميراڻي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ٻنهي ڄڻن جو تعلق سکر سان آهي مغوين جي بازيابي تي وارثن ۾ سرھائ ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.