سيٺارجن مان نينگر پراسرار طور گم، وارث پريشان

سيٺارجا (ن ع آ ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ وليداد لُنڊ مان ٻارنهن ورهين جو نينگر پراسرار نموني گم، نينگر جي گمشدگي جي ٿاڻي تي اين سي داخل، ڪوبہ ڏس پتو پئجي نہ سگهيو، وارث سخت پريشان، تفصيلي خبر موجب سيٺارجا لڳ ڳوٺ وليداد خان لُنڊ جي رهواسي محمد جمن جو ٻارهن سالا پٽ محمد جمن گهران نڪرڻ بعد گذريل هڪ هفتي کان پراسرا نموني ڳوٺ مان گم ٿي ويو آھي جنهن جي وارثن پاران گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود سندن ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي نينگر جي وارثن پاران سندس گمشدگي بابت سيٺارجا ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي پوليس موجب نينگر جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف نينگر جي اھڙي گمشدگي سبب سندس والدين توڙي ٻيا مٽ مائٽ سخت پريشانين جو شڪار آهن هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي تہ نينگر جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.