بوزدار وڏا ۾ پورهيت جو پوليس اهلڪار خلاف احتجاج

بوزداروڏا (ن ع آ ) بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ هاشم گوپانگ جي رهواسي سبزي فروش پورهيت عمران علي گوپانگ جو سندن ڳوٺ ۾ قائم پوليس پڪٽ جي اهلڪار شاهنواز شر جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي پورهيت پوليس اهلڪار شاهنواز شر تي الزام مڙھيندي چيو ت گذريل رات زمين تي پاڻي وهائي رهيو هيس ت اچانڪ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا ت مان ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ قائم پوليس پڪٽ وٽ پهتس ت اتي ڪوب اهلڪار موجود ن هيو جنهن بعد صبح جو ٻيهر پوليس پڪٽ تي پهتس ت اتي موجود پوليس اهلڪار شاهنواز شر مونکي خالي گولين جا کول ڏيندي چيو ت تون گوپانگ برادري جي ۽ شر برداري جي ماڻھن سميت ,14. ماڻھن جا نالا ڏئي ت انهن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائجي ن ت انهن 14. ڄڻن کان ڏھ هزار رشوت وٺي ڏي ت عيد ڪيون جئ  نه ت پوء هاڻي ڳوٺ ۾ جيڪو مسئلو ٿيندو ان ۾ اوهان جو نالي ڏئي ڪيس داخل ڪرائيندس جڏھن ت هي اهلڪار علائقي ۾ خون ريزي ڪرائڻ ٿو چاهي هن وڌيڪ آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ت هن معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.