راضيديري ۾ عورت سان لڄالٽ ڪوشش، مڙس زخمي، احتجاج

راضيديرو(ن ع آ) فصل مان گاهه ڪرڻ دوران عورت سان زيادتي جي ڪوشش، عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي جوابدارن ۽ پوليس خلاف احتجاج. فصل مان گاهه ڪرڻ دوران جوابدارن زيادتي جي ڪوشش ڪئي، رڙين ڪرڻ تي مڙس پهتو ته ان تي به حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو اٿن. پوليس ڳري  رشوت عيوض گرفتار ڪيل جوابدار به آزاد ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي : احتجاج ڪندڙ عورتون. تفصيل موجب راضيديرو واسي ڪونج خاتون پنهنجي ماءُ ، معصوم ٻارڙن سميت قرآن پاڪ کڻي پريس ڪلب اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ڪمند جي فصل مان گاهه ڪرڻ دوران جوابدار ڀورل ڪلهوڙو ۽ ٻين  زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي رڙيون ڪيم ته ڀرواري فصل مان گاهه ڪندڙ مڙس پهتو ته هنن مون تي ۽ منهنجي مڙس تي لتن مڪن ٺونشن ۽ ڏاٽن سان حملو ڪري ڏنو جنهن سبب مان ۽ منهنجو مڙس سخت زخمي ٿي پيو. هنن چيو ته اهڙي دانهن کڻي اڳڙا ٿاڻي تي وياسين جتي پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏئي روانو ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته  پوليس بااثر جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي گرفتار ڪيل  جوابدارن کي به ڇڏي ڏنو آهي . هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي بااثر جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.