گهوٽڪي لڳ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ علي مهر ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون سروٽا لڳڻ سبب هڪ ڌر جا رمضان ميراڻي، علي گوهر ميراڻي، عمران علي ميراڻي، مسمات وزيران خاتون ميراڻي، مسمات صفيا خاتون ميراڻي جڏهن ته ٻئي ڌر جا لياقت علي ميراڻي، واحد علي، شاهه علي ميراڻي، لطف علي ميراڻي زخمي ٿي پيا، زخمين کي ماٿيلو مومل جي ماڙي پوليس چوڪي جي انچارج علاج لاءِ ميڊيڪل لٽير ڏئي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو جتي زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي، پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ شادي جي ڳاڄ دوران رستي جي لنگھه تان جهيڙو ٿيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ٻنهي ڌرين جي ماڻهون مٿان اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.