ڪنڌڪوٽ ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، انڊس هاءِ وي بلاڪ

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي ملهير اسٽاپ وٽ آبادگارن جو مراد واهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارو لڳي ويون.آبادگارن انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ضلعي انتظاميا سميت ايريگيشن عملي خلاف شديد نعري بازي ڪئي وئي.آبادگارن منو، مراد، علي حسن ۽ ٻين جو چوڻ هو ته زمينن تي ٻجارو ڪري ڇڏيو آهي پر هڪ مهينو ٿي چڪو مراد واهه شاخ تي پاڻي چڪو به نه پهچي سگهيو آهي، جنهن سبب ٻجارو سڙي ويو ۽ لکين روپين جو نقصان ٿي پيو آهي ۽ هزارين جريب زمين بنجر بڻجي رهي آهي، هنن الزام هڻندي چيو ته ايريگيشن عملو پاڻي رشوت عيوض بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن،  جيڪي مڇي جي فارمن ۽ پنهنجي زمينن کي پاڻي پهچائي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان سان ٻٽو ظلم ٿي رهيو آهي ايريگيشن جي رشوت وٺندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري پاڻي مراد واه شاخ تي پهچايو وڃي هوڏانهن 3 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي ۾ ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڊي سي پاران آبادگارن کي يقين ڌياني ڪرائي ته مراد واه شاخ ۾ 24 ڪلاڪن اندر پاڻي پهچي ويندو ۽ ڊي سي جي اهڙي يقين ڌياني بعد آبادگارن روڊ کولي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.