گهوٽڪي حادثي جو زخمي رحيم يار خان ۾ فوت، ڌرڻو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ ارباب ڪلادي جو رهواسي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل صدورو ڪلادي رحيم يار خان جي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، وارثن وسند ڪلادي، ربنواز ڪلادي، عطر ڪلادي، فقير مکڻو ڪلادي ۽ ٻين سول اسپتال ۾ احتجاج ڪندي چيو ته شراب جي نشي ۾ ڌت جوابدر امداد علي گهوٽو موٽرسائيڪل کي ڪار جو ٽڪر هڻي ٻن ڄڻن پيروز ڪلادي ۽ صدورو ڪلادي کي ٽڪر هڻي ماري آهي پر پوليس ان مٿان ڪيس داخل نٿي ڪري جنهن بعد مظاهرين وٽ ايس ايچ او اي سيڪشن گهوٽڪي عطهر چنا پهچي ڳالهيون ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري تي ٿاڻي آڏو لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن بعد واقعي جو اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي تي جوابدار امداد گهوٽو سميت ٻن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، واضح رهي ته 3 هفتا اڳ نشي ۾ ڌت ڪار سوار امداد گهوٽو ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ٻن ڄڻن پيروز ڪلادي ۽ صدورو ڪلادي کي زخمي ڪيو هو ۽ موقعي تي هڪ ڄڻو پيروز ڪلادي فوت ٿي ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.