ڏيپلي لڳ سمورا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

ڏيپلو (ت ر) ڏيپلو تعلقه جي ڳوٺ ٻولھاڙي جي سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو، عورت سميت چار ڄڻا زخمي، زخمي علاج لا۽ ڏيپلو اسپتال داخل۔ ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ٻولهاڙي ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهرو مسئلي تان جهيڙو ٿي پيو۔ جهيڙي دوران هڪ ڌر پاران بندوق جا فائر ڪيا ويا۔ جنهن ۾ بندوق جا ڇيرا لڳڻ سبب هڪ ڌر جا ٻه ڄڻا جان محمد سومرو ۽ ابراھيم سومرو زخمي ٿي پيا ۽ ٻي ڌر جي هڪ عورت عقيلان ۽ الهورايو سومرو لٺين لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا۔ جن کي علاج لا۽ تعلقه اسپتال ڏيپلو داخل ڪيا ويا آهن۔ پوليس پاران ٻنهي ڌرين کي علاج جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي۔ زخمي جان محمد وارن جو چوڻ آهي ته گھريلو جھيڙو ٿي پيو جنهن تان ڪاوڙجي الھورايو ۽ حفيظ بندوق جا فائر ڪري اسان کي زخمي ڪري ڇڏيو ـ جڏهن ته ٻي ڌر الهورايو وارن جو چوڻ آهي ته جان محمد جڏهن به ڳوٺ ايندو آهي ته اسان سان سنگاوتي تڪرار تان گار گند ڪندو آهي ۽ منهنجي نياڻي کي مارڪٽ ڪندو آهي۔ دانهن ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ٻي ڌي۽ تي تشدد ڪري زخمي ڪيو ۽ پو۽ ڊرامون رچايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.