ڪنري ۾ نينگري خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪنري (ت ر) ڪنري لڳ ٽوڀان شاخ جي ڳوٺ حاجي نثار آرائين ۾ 14 ورھين جي نينگريءَ ڀاڳونتي ڌيءَ لڇمڻ ڪولھي پنھنجي گھر جي اندر ڪمريء جي ڇت ۾ رسو ٻڌي مبينا ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي ڪنري پوليس پھچي نينگريءَ جي مڙھ کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. نينگريءَ جي والد جو چوڻ ھو ته اسان سمورا گھر ڀاتي گھر ۾ موجود ھئاسين ۽ ٻن پھرن جي ماني کائي سمھي رھياسين ته ڀاڳونتي به ڪپڙا ڌوئڻ بعد اوچتو خودڪشي ڪري ڇڏي، ھن ٻڌايو ته گھر ۾ ڪوبه جيھڙو وغيره ڪونه ھو، نه ئي ڪا شڪايت ۽ مسئلو ھو، خبر ناهي ھن آپگھات ڇو ڪيو آھي. ھوڏانھن مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي تعلقي ڪنري ۾ آپگھات جي وڌندڙ واقعن تي ظابطو ناهي اچي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.