نئون آباد لڳ پوليس اهلڪار جي گهران ڌاڙو

نئون آباد (ن ع آ)  ڄام نوازعلي ٿاڻي جي حد دلور ڀرسان  ڳوٺ علي محمد ڪلوئي ۾ اسپيشل برانچ جي پوليس  اهلڪار محمد بخش ڪلوئي جي گهر کي لکين رپين جوڌاڙو  هٿياربند فرار علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل رپورٽ موجب ڄام نوازعلي ٿاڻي جي حد دلور موري ڀرسان  ڳوٺ علي محمد ڪلوئي ۾ گذريل رات دير سان ٽي نامعلوم  هٿياربند  اسپثل برانچ جي پوليس اهلڪار محمد ڪلوئي جي  گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي  يرغمال بڻآئي گهر مان  ست تولا  سونا زيور 20هزار روڪ رقم سميت  لکين  روپين جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع   ڄام نوازعلي پوليس کي ڏنو ويو جنهن ته  ڄام نوازعلي پوليس ڳوٺ علي محمد ڪلوئي ۾ پهچي سرڪاري پيري جي مدد سان هٿياربندن  جا پيرا کنيا  جيڪي مين روڊ تي گم ٿي ويا  رابطي ڪرڻ تي اسپيثل برانڄ جي پوليس اهلڪار محمد بخش ڪلوئي ٻڌايو  ٽي نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ست تولاکان وڌيڪ سونا زيور 20هزار ڪيش  سميت  لکين روپين جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا اهڙي رپورٽ   ڄام نوازعلي ٿاڻي تي  داخل ڪرائي آهي  رابطو ڪرڻ تي ڄام نوازعلي پوليس ٻڌايوته وقعيو جو جئين اطلاع مليو ته ڦورن جي ناڪابندي به ڪرائي آهي جيڪو فرار ٿي ويا آهن هاڻي  ڪال رڪارڊ جي ڊيٽا ڪڊرايو پيا جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪري وٺنداسين وڌيڪ لاء جانچ شروع ڪري ڏني آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.