شھدادڪوٽ ۾ واٽر سپلاءِ جو پاڻي بند، شهرين جو ڌرڻو

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ واٽر سپلاء جو پاڻي بند ھئڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ شھرين ڪامريڊ حيات تونيو جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي  ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو جڏهن ته ڌرڻي سبب سنڌ بلوچستان جي ٽرئفڪ معطل رھي،  ان موقعي تي اڳواڻن حيات تونيو,شبير مگسي,زاھد مگسي,رشيد مگسي,امداد سومرو ۽ ٻين چيو ته شھدادڪوٽ ۾ واٽر سپلاءِ واري پاڻي جو بحران ھڪ مھيني کان ھلندڙ آهي جنهن ڪري ٽي لک شھري تڪليف کي منهن ڏيئي رھيا آهن پر پبلڪ ھيلٿ کاتي وارن کي پرواهه ئي نه آهي، ھنن چيو ته سرندي وارا ماڻهو ته پيسن تي پاڻي خريد ڪري گذارو ڪري رھيا آهن پر روز ڪمائي روز کائڻ وارا پورھيت ڏاڍا پريشان آهن جن جون عورتون ۽ معصوم ٻارڙا مٿن تي دلا ۽ ھٿن ۾ ڪولر کڻي پري پنڌ کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن,  ھنن چيو اڳ جڏهن شاخن ۾ پاڻي بند ٿيندو ھو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي وارا اڳواٽ ئي متبادل بندوبست ڪري تلاءَ پاڻي سان ڀرائي ڇڏيندا ھئا پر ھن سال پبلڪ ھيلٿ کاتي وارن تلاء ڀرائڻ لاء اپاء نه ورتا جنهن ڪري ھن موت مار گرمي ۾ شھري عذاب واري زندگي گذاري رھيا آهن, ھنن پبلڪ ھيلٿ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته غيرذميوار ۽ عوام آزار پبلڪ ھيلٿ جي ڪاموري مسرور ڪلھوڙي کي فوري طور تي ھٽائي پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻائي 3 لک شھرين کي تڪليف کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.