آمريڪا، افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ ڪھڙي راند ڪندو؟

اميربخش بڙدي

ھن وقت سڄي دنيا ۾ سپر پاور سڏائيندڙ آمريڪا جي حالت سڀنيءَ جي سامھون آھي جنھن پنھنجي طاقت جي نشي ۾ ھميشه ڪيترن ئي ملڪن ۾ سازشون ڪرائي رت جون نديون وهايون عراق تي ڪوڙا الزام ھڻي جنگ جوٽي پوءِ وري ھڪ وڏي منصوبي تحت نائين اليون جھڙو واقعو ڪري افغانستان تي حملو ڪيو جڏهن ته نائين اليون کان پوءِ آمريڪا وڏي تڪبر سان افغانستان تي چڙهائي ڪئي جنهن ۾ نيٽو اتحاد ۾ شامل ڪئي ملڪ به هن سان گڏ هئا ، افغانستان تي حملي وقت آمريڪا ۽ ان جي اتحادين پاران سڄي افغانستان تي زهريلي گيسن وارا ڪلسٽر بم وسائي افغانستان جي جبلن کي اڊيڙي ڇڏيو هو ، ان وقت دنيا اهو پئي چيو ته آمريڪا سپرپاور آهي طالبان جي ان جي سامهون ڪابه حيثيت نه آهي ، طالبان جي باب هميشه لاءِ  بند ٿي ويندو، پر 20 سالن تائين ڇا ٿيو رڳو رت جون نديون وهايون ويون آسمان کي بارود جي دونھين سان ڍڪڻ کان سواءِ ٻيو آمريڪا ته ڪجهھ نه ڪري سگھيو ويتر پاڻ ڌٻڻ ۾ ڦاٿو، طالبان جو خوف آمريڪا توڙي ان جي اتحادي سپاھين جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون ھيون آمريڪا افغانستان ۾ جنگ ڪري ايترو ته بيوس ٿي چڪو ھو جو اھو سپر پاور ملڪ پاڪستان کي ايلاز ڪندو رھيو ته طالبان سان ڳالھيون ڪري جان ڇڏايو وري به شڪرانو پاڪستان جو ادا ڪرڻ گهرجي جو طالبان سان ڪامياب ڳالھيون ڪرائي محفوظ رستو نڪرڻ لاءِ  ڏياريو، ھتي سوال اھو به پيدا ٿي رھيو آھي ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن پاران افغانستان جنگ تي کربين ڊالر خرچ ڪيو ،

افغانستان ۾ آمريڪا پاران لکين انسانن جي قتل عام کان سواءِ افغانستان جي فوج ٺاهي ان کي تربيت ڏني وئي ته جيئن اها جديد تربيت حاصل ڪندڙ فوج وقت پوڻ تي طالبان جو مقابلو ڪري سگهي ، ويهھ سال دنيا جي جديد ترين هٿيارن ، ڪئي ڊزن اتحادي ملڪن ، ڊرون جهازن ، بهترين انٽيليجنس معلومات سان گڏ آمريڪا پاران افغانستان ۾ قتل عام ڪيو ويو پر ويهن سالن جي ويڙھ کان پوءِ سپر پاور سڏائيندڙ آمريڪا آخر طالبان آڏو گوڏا ڇو کوڙي ڇڏيا؟ ان جو جواب ۽ حساب آخر ڪير وٺندو!؟ دنيا ڏٺو ته آمريڪا پاران طالبان کان اين آر او گهريو ويو ،ھن وقت آمريڪا جا صرف چند فوجي افغانستان ۾ آهن جيڪي ايندڙ مهيني تائين افغانستان مان نڪري ويندا. آمريڪا جو افغانستان مان اھڙي طرح سان نڪري وڃڻ کي دنيا تي گھري نظر رکندڙ تجزيا نگار ايشيا کنڊ لاءِ  سٺو سنوڻ نه سمجھي رھيا آھن اھي سمجھن ٿا ته آمريڪا افغانستان جي ناڪامي وارو بدلو ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کان وٺڻ ٿو چاهي آمريڪا پهرين ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ۾ کيس فوجي اڏا ڏنا وڃن پر پاڪستان پاران آمريڪا کي کتو جواب ڏنو ويو آهي.

پاڪستان پاران آمريڪا کي فوجي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا، تاجڪستان ، ترڪمانستان، توڙي افغانستان سان گڏيل ملڪن کان اڏا گهريا پر روس جي اثر رسوخ سبب انهن ملڪن به آمريڪا کي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ آمريڪا ڀارت سان ڳٺ جوڙ شروع ڪيو آهي ، اندروني ذريعا اھو ٻڌائي رھيا آھن ته آمريڪا کي  هندستان پاران ڪشمير ۾ اڏا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جتان افغانستان تي حملا ڪيا ويندا، اھڙي فيصلي مان اھو صاف ظاهر ٿي چُڪو آهي ته ڪشمير جي خودمختياري تي قبضو به ڀارت آمريڪا جي مرضي سان ڪيو جتي مسلمانن جون رت جون نديون وهايون ويون پھريون ڊگهو لاڪ ڍائون انڊيا جي ظلمن کي لڪائڻ لاءِ  ڪشمير ۾ لاڳو ڪيو ويو پر آسمان واري وري اھو لاڪ ڍائون دنيا سڄي ۾ ڪري ڏيکاريو ته لاڪ ڊائون جا اثر ڪھڙا ھوندا آھن اھڙي طرح هندستان چاهي ٿو ته آمريڪا ڪشمير ۾ اچي ته جيئن چين ، پاڪستان ، روس تي ڪنٽرول ٿئي باقي افغانستان جو ته صرف نالو استعمال ڪيو پيو وڃي ، آمريڪا جو اصل ٽارگيٽ سي پيڪ آهي ، هو چاهي ٿو ته پاڪستان کي هيسائي ڌمڪائي اڏا وٺي، سي پيڪ مڪمل طور تي بند ڪرائي چين کي هتان ڊوڙائي ڪڍجي ، پوءِ ڏکڻ ايشيا تي هندستاني تسلط قائم ڪرائجي،

اھو ھرگز نه وسارڻ گھرجي ته آمريڪا افغانستان مان نڪري وڃي خاموش ٿي ويھندو ،آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ کان پوءِ ايشيا ۾ وڌيڪ فساد ڪرائيندو ، خاص طور تي پاڪستان پاران اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ فرقيواريت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، اهي طالبان جيڪي آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ آهن انهن ذريعي پاڪستان کي پريشان ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري سگهي ٿو ، آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۾ ڪا نئين جنگ ڇيڙي سگهي ٿو ، پاڪستان جي ڪاوڙ  ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگ ڪرائڻ جي صورت ۾ لاھڻ جي ڪوشش به ڪري سگھي ٿو خبرون آھن ته ھندوستان ايل اوسي کان ايل اي سي تائين سرحدن تي فوج کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي ، پاڪستان به الرٽ آھي ھتي اھم سؤال اھو به آھي ته آمريڪا بگرام ائيربيس تي بڪتر بند گاڏيون،فوجين جي استعمال جو سامان،ڳري تعداد ۾ ھٿيار ۽ گولا بارود آخر ايئن ڇو ڇڏي ويو جو انھن جي وڃڻ بعد فوري طور طالبانن اچي اھو سامان کنيو ،افغانستان فوج کي ڇو اطلاع نه ڪيو، ؟

ذريعا اھو ٻڌائي رھيا آھن ته آمريڪا ھڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ايئن ڪيو ته طالبان وڌيڪَ طاقتور ٿي افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ وڌيڪ خراب ڪري سگھن خود افغانستان حڪومت جو بيان آهي ته آمريڪا اسان کي اطلاع نه ڪيو جنھن ڪري اھو سامان طالبان کڻي ويا ته وري ٻئي پاسي آمريڪا جو بيان آهي ته اسان اڳ ۾ افغانستان سرڪار کي اطلاع ڪيو ھو، ھتي سوال اھو به آھي ته ڇا افغانستان جي فوج طالبان جي خوف ڪري سامان لاءِ  نه پھتي جو طالبان بنا ڪنھن خوف جي سامان کڻي ويا، ھن وقت اھي به خبرون آهن ته افغانستان جي فوج جا اھم آفيسر طالبان جي خوف مان پاڙيسري مُلڪن ۾ پناھ وٺڻ لاءِ  پھتل آھن اھو سلسلو جاري آھي ٻئي طرف وري خبرون آھن ته طالبان پاران ھڪ سئو ضلعن تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي،ٻئي طرف وري افغانستان جي صدر اشرف غني جو بيان آهي ته افغانستان حڪومت نه ڪڏھن طالبان جي برتري کي تسليم ڪندي نه طالبان کي افغانستان تي قبضو ڪرڻ ڏيندي، ٻئي طرف اھي به ڳالھيون عام آھن ته افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ خفيه ڊيل ٿي آھي، اھڙي خبر جي به في الحال ته افغان صدر اشرف غني پاران ترديد به اچي وئي آھي ته ڪا به خفيه ڊيل ناھي ٿي،ٻئي طرف اھي به خبرون آهن ته پاڪ آمريڪا پرڏيھي وزيرن جو فون تي رابطو ٿيو آھي جنھن ۾ پرڏيھي وزير شاھ محمود قريشي ۽ آمريڪي پرڏيھي وزير انٿوني بلڪن  جي وچ ۾ افغان امن عمل ۾  گڏيل ڪوششن  تي اتفاق ٿيو آهي  ،

ھتي سوال اھو به پيدا ٿي رھيو آھي ته پاڪستان آمريڪا جي بيوفائي جي داستانن کي مدي نظر رکي افغان پاليسي جوڙي آمريڪا تي اعتبار ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي جنھن ھميشه دوکا ڪيا آهن آمريڪا ويندي خود افغانستان سان به دوکو ڪري ويو آهي جو بگرام ايئربيس جو سازو سامان طالبانن جي ور چاڙهي ھليو ويو، اھڙي دوست کان ته مخالف دشمن بھتر آھي ، ھن وقت ايشيا ۾ بارود جو دونهون دکڻ تي آھي ان ڪري ايشيا کنڊ جي ملڪن کي گھرجي ته آمريڪا جي دونھين جي ٻارڻ بڻجڻ بجاءِ پنھنجي خوبصورت کنڊ کي امن جو گهوارو بڻائڻ لاءِ  ھڪ ھنڌ گڏ ٿي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ته جئين آسمان رحمت جي بادلن سان وسي پئي،،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.