غريب عوام جا خوشحال حڪمران

شوڪت علي جلباڻي

جڏهن ملڪ، عوام ۽ حڪمرانن جي ترجيحن ۾ ويڇا وڌي وڃن ته ملڪ مقروض ، عوام بي حال ۽ حڪمران ترقي ڪري وٺندا آهن، ساڳيو حال پنهنجي وطن عزيز جو آهي، ملڪ جون قومي ترجيحات ئي عوامي ترجيحات ليکجن ٿيون پر هت عوامي ترجيحات توڙي ملڪي ترجيحات سان گڏ حڪمرانن جي ترجيحن ۾ تمام گهڻا فاصلا  آهن. ملڪ انهن ڪارڻن جي ڪري هڪ دفعي ٽٽي چڪو آهي ۽ صوبن جي وچ ۾ معاشي وسيلن کان وٺي قدرتي وسيلن ۾ سخت گير اختلاف ۽ حڪمرانن جي طرفان پنهنجو پاڻ صرف پڏائڻ، انهي موقف کي سگهارو ڪري ٿو ته ملڪ، عوام توڙي حڪمرانن جون ترجيحات الڳ آهن.

موجوده حڪمران  جن مان اڪثريت  نمائندن جي هميشه حڪمراني ۾ رهي آهي پوين حڪومتن تي تنقيد ڪرڻ ۽ انهن کي ماضي جي پاليسين تي ملڪ جي تباهي جو ذميوار قرار ڏين ٿا.ملڪ ۾ جيتري جمهوريت رهي ان تي صرف  “جمهوري ٽيگ” ته رهيو آهي باقي اقتدار جون واڳون وس وارن جي هٿن ۾ ئي رهيون آهن جيڪي اڄ پڻ آهن، تنهن ڪري اقتدار ڌڻين جي قسمت ته بلجندي رهي آهي پر ملڪ توڙي عوام پنهنجي تقدير نه مٽائي سگهيو آهي،  ايٽمي طاقت بڻجڻ کان وٺي ملڪ جا موٽرويز ، سي، ڊي ،بي ٽرانسپورٽ سسٽمن جي اچڻ تائين اسين ڏينهون ڏينهن مقروض ئي رهياسين،قومي ٽيليويزن تي پرائم ٽائيم ۾ ٿيندڙ ٽاڪ شوز جا ميزبان لکين روپيا پگهار کڻي ايئر ڪنڊيشنڊ اسٽوڊيوز ۾ ويهي عام ماڻهون جي حالت زار تي ڪهڙا سوال ڪندو انهي جو اندازو اوهان بخوبي لڳائي سگهو ٿا، پر جيڪڏهن اقتدار ڌڻين کان سندن ڪارڪردگي جي باري ۾ مٿاڇرا سوال ڪري به وجهن ته اهي آئين بائين شائين ڪندي نظر ايندا يا وري انگ اکرن جي ڄار ۾ اهڙو ته ڦاسائي ڇڏيندا جو ڏسندڙ ن کي سندن تي رحم اچڻ لڳندو آهي .

ملڪ ۾ اهم عهدا ماڻڻ لاءِ اوهان جو رٽائرڊ هئڻ انتهائي ضروري آهي، جيئن  اوهان کان اثاثن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا نه ڪري سگهجي ۽ اوهان جي آمدني جو ذريعو به هلندو رهي، پوءِ رٽائرڊ مفڪر هجن يا محافظ ٻنهي جو ڪم دفاع ڪرڻ ئي ته آهي، دفاع تان اوهان جو ڌيان ڀلي وفاقي وزير پرويز خٽڪ وڃي پر منهنجي سندس بيان ڏانهن اشارو ڪرڻ جو ڪو مقصد ناهي.بي روزگاري کان بدحالي ۽ ملڪي معاملن جو حل شام جو ٽي وي تي ويهي معزز دانشور ۽ سياسي اڳواڻ بحث مباحثو ڪن ٿا ته جيئن حل ڳولي سگهجي. ڪنهن سينئر اڳواڻ سنڌ جي نوجوانن کي ڇولن کپائڻ جي صلاح ڏني هئي ته ڪنهن اڳواڻ وري نوجوانن کي ڪڪڙيون پالي ملڪي ترقي ۾ حصو وجهڻ تي زور ڀريو هو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو اعلان ڪري  لکين نوڪرين کي ختم ڪيو ويو ۽ لکين ماڻهن کي بي روزگار ڪيو ويو ، اجهو ڏيڻ جي بدران هن نظام غريبن جا گهر پٽ ڪيا آهن . ڊيمن جا فنڊ گڏ ڪرڻ وارا منصف ملڪ ئي ڇڏي هليا ويا ۽ عوام پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ واجهائي رهيو آهي، عوام جڏهن عام واهپي جي شين جي اگهه جي واڌ جي به ڳالهه ڪري ٿو ته حڪمران طبقو توڙي دانشور ، پرائم ٽائيم جا ميزبان حضرات وٽ اهو دليل آهي ته دنيا جي ملڪن ۾ عام واهپي وارين شين جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن پاڪستان ۾ انهن جا اگهه نهايت ئي گهٽ آهن،۽ انهن جي ڀيٽ به اهي بين الاقوامي ڪرنسي موجب ڪن ٿاپر  انهن کان اهو ڪير پڇاڻو ڪري ته اڄ کان 50 سال اڳ هڪ ڊالر جي قيمت  10 روپيا 25 پيسا هئي ۽  20 سال اڳ  55 روپيا 70 پيسا هڪ ڊالر هو جڏهن ويهن سالن جي اندر اهو ساڳيو ڊالر 159 روپين تي پهچي چڪو آهي، 1970 ۾ هندستان جي روپئي جي ڀيٽ ۾ هڪ ڊالر جي قيمت 7 رپيا  50 پيسا،سن 2000 ۾ 44 رپيا 94 پيسا هئي اڄ هندستان رپئي جي ڀيٽ ۾ 1 ڊالر جي قيمت 70 رپيا آهي، جڏهن ته پاڪستان کان ڌار ٿيندڙ  بنگلاديش جو ٽڪي جي ڀيٽ ۾ هڪ ڊالر 50 سال اڳ 23 بنگالي ٽڪن جو جڏهن ته اڄ به بنگلاديش جو ٽڪو ڊالر جي ڀيٽ ۾ 85 ٽڪن  تائين پهتو آهي، مطلب ته پاڪستاني روپئي پنهنجي قدر هندستان توڙي بنگلاديش کان ٻيڻ تي وڃائي چڪو آهي،

حڪمران عوام کي سمجهائيندا رهيا آهن ته جڏهن روپئي جي قيمت ڪرندي آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي آهي، بي روزگاري ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ ماڻهن جي زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويندي آهي، عوام انهن مٺن محلولن کي چکي چڪو آهي ۽ ان ڳالهه کان بخوبي واقف آهي پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته  ان جو ذميوار ڪير آهي ۽ 73 سالن ۾ ڪنهن ذميوار جي خلاف ڪارروائي ٿي،

عالمي بينڪ پاڪستان ۾ غربت جي شرح 4.4 کان 5.4 سيڪڙو  يعني هڪ سيڪڙو ۾ واڌارو، رپورٽ ڪيو هو ، ترقي جي شرح جيان عالمي بينڪ ان ڳالهه تي به حيران آهي ته وقت جا حڪمران غربت جي شرح به انگن اکرن ۾ گهٽ ڏسي رهيا آهن  ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي دعويدار آهي،

پاڪستان جي حڪمرانن جو هڪ عادت رهي آهي ته  اقتدار جي شروعاتي سالن ۾ سڀ ڪجهه تباهه حال ڏيکاري  ملڪي ڪرنسي کي ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڪيرايو ويندو آهي ۽ ادارن جي بدحالي توڙي تباهي جو ذميوار پوئين حڪومتن جي کاتي ۾ وڌو ويندو آهي، احتساب جي نالي تي ادارا ڪميشن قائم ٿيندا آهن ، جي آئي ٽيز ٺهنديون آهن،پوءِ حڪمران باعزت طريقي سان بري ٿي ويندا آهن ۽ اقتدار ڌڻي جيڪي قانون ٺاهڻ توڙي ڊاهڻ جاذميوار هوندي به پنهنجي لاچاري ۽ بي وسي ڏيکاريندا  ۽ اهو سڀ آثار اقتدار جي  ٽئين سال ئي نمودار ٿيندا آهن  پوءِ اقتدار رهي يا کڻي کسيو وڃي پر گذريل 13 سالن ۾ هڪ نئين رسم وڌي ويئي آهي اقتدار جي ٽئين سال  عوام تي  ڪرايل مهانگائي جي بمن سان گڏوگڏ ناقص ڪارڪردگي جي باوجود سڀ بهتر هجڻ لاءِ انگ اکرن کي اهڙي ريت پيش ڪيا ويندا آهن ته بس هاڻ  قوم جا ڏکيا ڏينهن ختم ٿيا. پر حڪمرانن جي تباهه ڪارين جي ڪل ته اقتدار ۾ لهڻ کان پوئين اڳئين حڪومت اچي بيان ڪندي آهي، جيئن پيپلزپارٽي پرويز مشرف،مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي ۽ موجوده حڪمران پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ تي الزام مڙهي رهيا آهن.

عام طور تي چيو ويندو آهي ته معاشي لحاظ کان ملڪ ۾ ٽن طبقن جا ماڻهون ملن ٿا پر منهنجي نظر ۾ ملڪ معاشي توڙي سماجي بنيادن تي گهڻ طبقاتي نظامن ۾ ورهايل آهي. هڪ اهڙا اميرن جا امير جن کي سندن دولت جو ڪاٿو ناهي ،اهي آهن ته وطن عزيز جا شهري پر اڪثر پنهنجو وقت ٻاهرين ملڪن ۾ گذارين ۽ جزيرن کان وٺي محلن جا مالڪ سڏجن ٿا، سندن منشي جيڪي امير طبقي ۾ شمار ٿين اهي انهن جو ڪارونهوار سنڀالين ٿا ۽ انهن اميرن جي اميرن کي اقتدار جي ايوانن تي پهچائڻ لاءِ سندن منشي ڀرپور انتظام ڪن ٿا، ٽيون سرڪاري ملازمت وارا ماڻهون جيڪي خزاني مان پنهنجو ٺيڪ ٺاڪ حصو وٺي ايئر ڪنڊيشنڊڪمرن ۾ ڏينهن جا ڪجهه ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا، چوٿون اهو طبقو آهي جيڪو وچولو طبقو سڏيو وڃي ٿو جيڪو پنهنجي روزمره جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو، پنجون طبقو هينڊ ٽو مائوٿ يعني آڻين ۽ چاڙهين وارو جڏهن ته ڇهون طبقو اهو آهي جنهن کي صحيح نموني سان ٻن وقتن جي ماني به ميسر ناهي، ايئن کڻي چئجي ته ملڪ  معاشي و سماجي لحاظ کان گهڻ طبقاتي نظامن  جي ور چاڙهيو ويو آهي، وچولي طبقي کي کان هيٺين طبقن جي واڌ ويجهه باقائده منصوبا بندي سان ڪئي وڃي ٿي،

يو اين ڊي پي مطابق انساني ترقي واري فهرست ۾ پاڪستان 154 نمبر تي جڏهن ته هندستان 131 ۽ بنگلاديش 133 نمبر تي آهي، اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي ته اقتدار نصيب ٿيو ۽ اهي بدعنوانين جي ڪيسن کي منهن ڏيئي ارب پتي بڻيا آهن پر ملڪ جو وزيراعظم عمران احمد خان نيازي  به  رياست مدينه جي ڳالهه ڪندڙ ملڪ جي ٻارهن ارب پتي پارليماني اڳواڻن مان هڪ آهي، اڪانامڪ ٽائمز ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان  مطابق ملڪ جي وزيراعظم وٽ ڪنهن قسم جي ڪا گاڏي نه آهي، پاڪستان جو عوام پڻ انهي ڳالهه جو گواهه آهي ته ملڪ جو وزيراعظم عمران خان اقتدار کان پهرئين دوستن جي گاڏين، ٽئڪسي يا وري ڪراچي واري ڊبليو 11 جي سواري ڪندو هو، انهي احساس جي ڪري ته ڪراچي کي گرين لائن جو منصوبو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو وراثتي ملڪيت کڻي پيدا ٿيندڙ ارب پتي شهزادو آهي، ان کان علاوهه به کرب پتي ماڻهون ملڪ ۾ رهن ٿا جيڪي رياست جي ادارن سان 400 ارب  روپين تائين  جي ڏيتي ليتي ڪري غير قانوني قبضي کي قانوني بڻائي وجهن ٿا.

غريب عوام جا خوشحال حڪمران  ڀلي سياسي توڙي انتظامي معاملن تي هڪ ٻئي سان دست غريبان هجن پر جٿي انهن جي گڏيل مفاد جي ڳالهه اچي وڃي ٿي ته سڀ هڪ ٿي وڃن ٿا، ماضي قريب ۾ مراعتن جو معاملو هجي يا قانون سازي جو سڀني هڪ ٻئي کي مثبت موٽ ئي ڏني هوندي پر جيڪڏهن اختلاف آهن ته صرف عوام جي اهنجن کي دور ڪرڻ لاءِ…..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.