ناراض بلوچن کي مڃائڻ لاءِ حڪومت جي هڪ ڪوشش

نجم سيٺي

وزيراعظم عمران خان ”بلوچستان ۾ مفاهمت ۽ هم آهنگيءَ جي فضا پيدا“ ڪرڻ لاءِ  تحريڪ انصاف  حڪومت جي اتحادي جماعت جمهوري وطن پارٽيءَ جي شاهزين بگٽيءَ کي وزيراعظم جو خصوصي معاون مقرر ڪيو آهي، وزيراعظم اهڙو اعلان بلوچستان جي ترقيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ بلوچستان جي دوري دوران ڪيو آهي، انهيءَ موقعي تي بلوچستان جي موجوده گورنر، جسٽس ( ر) امان خان ياسين زئي کي هٽايو ويو آهي، ان سان ڪجهه وقت کان تحريڪ انصاف جي قيادت جي ڇڪتاڻ هلندڙ هُئي، ان جي جاءِ تي تحريڪ انصاف جي وفادار حامي ظهور آغا کي بلوچستان جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي.

افغانستان ۽ ايران جي محفوظ هنڌن تان پاڪستان تي جنگ مسلط ڪندڙ بلوچن طرف وفاقي حڪومت جيڪو  ” مفاهمت“ جو هٿ وڌايو هو، اسٽبلشمينٽ ان کي روڪي ڇڏيو آهي، ڇو جو مسلسل دهشت گرد حملا انتهائي پريشان ڪندڙ آهن.آمريڪا جو افغانستان مان نڪرڻ واري عمل بعد صورتحال سنگين ٿي رهي آهي، ويتر جو هندستان افغانستان ۾ پنهنجي ڪيل سيڙپ ڪاريءَ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجا پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسلام آباد ”پرڏيهي هٿ“ واري پنهنجي موقف کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ” سفارتي ڪوششون، تيز ڪري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن پويان پرڏيهي هٿ سمجهيو ويندو آهي. مثال طور تي ڪجهه ئي ڏينهن اڳ لاهور ۾ حافظ سعيد جي رهائش گاهه جي ويجهو ٿيندڙ دهشتگرد حملي ۾  پاڪستان سڌو سنئون اهڙي دهشته گرديءَ لاءِ هندستان طرف اشارو ڪيو، اهو به الزام لڳايو ويندو آهي ته هندستان، بلوچ ويڙهاڪن کي فنڊز ۽ ٽريننگ ڏئي رهيو آهي.

اهڙين حالتن ۾ حڪومت پاران ناراض بلوچ قوتن کي قومي ڌارا ۾ واپس آڻڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن، انهن کي ڪنهن به طور تي رد ڪرڻ نه گهرجي، اهڙا تجربه پهريان به ٿي چڪا آهن، 1947ع ۾ آزاديءَ کان فورن بعد خان آف قلات احمد يار خان پاڪستان سان الحاق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اهڙي مزاحمت جو احساس نه ڪندي بلوچستان کي مختلف واعدن سان قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو هو، پر بعد ۾ انهن واعدن تي به عمل نه ڪيو ويو. 1950ع ۾  ” ون يونٽ“ جي خلاف بلوچن جي مخالفت وقت به اهڙي روش اختيار ڪئي وئي، نوروز خان جي بغاوت ۽ واعدن جي وچ ۾ دٻايو ويو، بعد ۾ انهن جي پُٽن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪجهه سالن بعد هو پاڻ به قيد دوران جيل ۾ مري ويو. 1973ع ۾ جمهوري طور تي چونڊيل نيشنل عوامي پارٽيءَ جي حڪومت کي اسلام آباد معطل ڪري ڇڏيو جنهن جي خلاف بلوچستان جي مري قبيلن جي علائقن ۾ بغاوت ڀڙڪو کائي اٿي. قبائلي سردارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ تي پابندي لڳائي وئي. جنرل ضيا جولاءِ 1977ع ۾ جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ان حيدرآباد جيل ۾ قيد ” غدارن“ ۽ ” باغين“ کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ پهرين جنوري 1978ع تي انهن کي عام معافي ڏني وئي. پر هن دفعي به امداد ۽ رياست جي ادارن ۾ بلوچن جي شموليت وارن واعدن تي عمل نه ڪيو ويو، بلوچستان جي عوام  ۽ قيادت سان ڪيل اهڙن واعدن کي بار بار ٽوڙڻ ۽ انهن تي عمل نه ڪرڻ ڪري بلوچستان جي شهرن ۾ جيڪو مڊل ڪلاس ۽ ساڃاهه وند طبقو پيدا ٿيو ان ۾ هڪ ” شدت پسنديءَ“ وارو احساس پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ کين بلوچ قومپرست جماعت جو رستو ڏيکاري ڇڏيو هو.

اسان جي رياست ۾ اڃان تائين اهو اعتماد ئي پيدا نه ٿيو آهي ته بلوچن کي انهن  جي صوبي ۾ ئي سياسي اختيار ڏنو وڃي، 2006ع ۾ جنرل مشرف جي دور ۾ به هڪ وڌيڪ بغاوت کي خطري جي ڪري نواب اڪبر بگٽيءَ کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جيڪو رياست ۾ هڪ اعلى پائي جي شخصيت هيو، ان بعد بلوچستان جون حالتون ” ضابطي  کان ٻاهر“ نڪري ويون، جنهن جي ڪري بگٽي قبيلي بغاوت ڪري ڇڏي ۽ وڃي ناراض مري قبيلي جي سردارن سان اتحاد ڪيو، ان بعد افغان سرزمين تان دهشت گرد پاڪستان ۾ داخل ٿيندا رهيا جن جي پٺڀرائي افغان ۽ هندستان جون خفيه ايجنسيون ڪري رهيون هيون، افغانستان پاران اهڙو عمل پاڪستان پاران طالبان جي مدد ۽ وري ڪشمير ۾ پاڪستان جي مدد جو جواب هيو، هاڻي ڪابل ۾ ڪمزور ٿيندڙ افغان رياست ۽ حڪومت جي پيش نظر اسلام آباد هڪ دفعو ٻيهر ناراض بلوچن سان ڳالهين ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آهي.

پر گذريل ڏهاڪي کان وٺي ٻنهي طرفن کان وڏي انگ ۾ ماڻهو ماريا ويا آهن، هزارين بلوچ خاندان پنهنجن پرين پيارن کان محروم ٿي ويا آهن، بلوچ مسنگ پرسنز جي ڪري انهن ۾ تمام گهڻو غم ۽ غصو آهي، اهڙي صورتحال ڪري ٻنهي ڌرين وچ ۾ اعتماد نه هجڻ جي برابر رهيو آهي. عمران خان هندستان سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان تعلقاتن جي بحاليءَ واري عمل کي ختم ڪري يقينن ڪو سٺو عمل نه ڪيو آهي. بلوچ علحدگي پسند عناصر هٿيارن ۽ تربيت لاءِ هندستان يا افغانستان جي ڳجهي ايجنسيءَ تي انحصار ڪن ٿا، جيڪڏهن رڳو ڏهاڪو سال اڳ تائين جي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته بلوچ علحدگي پسند اڳواڻ حرب يار مري جيڪو هن وقت لنڊن ۾ پاڻ هرتي جلاوطن زندگي گذاري رهيو آهي، عوامي سطح تي اهو تسليم ڪيو هو ته هو آزاد بلوچستان لاءِ هندستان ۽ آمريڪا سميت شيطان سان به اتحاد ڪندو. تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته جيڪي به علحدگي پسند تحريڪون رهيون آهن انهن پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ ئي بنياد قائم ڪيا آهن ۽ پنهنجا اڏا جوڙيا آهن ۽ پرڏيهي ملڪن جي حڪومتن کان امداد ورتي آهي، پاڪستان پاڻ پنهنجي سر گذريل ٽيهن سالن کان ڪشمير ۽ گذريل ويهن سالن کان افغانستان ۾ باغين جي مدد ڪندو رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان پاران جيڪو ” ناراض بلوچن“ سان ڳالهين وارو منصوو پيش ڪيو ويو آهي اهو اها انتهائي غير موثر آهي، سوال هي آهي ته پوءِ آخر ڪار عمران خان اهڙي ڪوشش ڇو ڪئي آهي جڏهن ته شاهه زين بگٽي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان تحريڪ انصاف جي حڪومت تي پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندو رهيو آهي ، ايتري قدر جو هو اختر مينگل وانگر حڪومتي اتحاد مان نڪري وڃڻ لاءِ پڻ تيار هو . اهڙين حالتن ۾ اها هڪ بهترين حڪمت عملي آهي ته بگٽي قبيلي جي سردارن جيڪي حڪومت کان ناراض آهن انهن جي هڪ سردار کي وزيراعظم جو خاص مشير مقرر ڪيو وڃي ۽ طالبان جي افغستان ۾ حڪومت سنڀالڻ کان اڳ ناراض بلوچن کي معافي ڏئي شدت پسنديءَ کان روڪيو وڃي. بعد ۾ طالبان کي پڻ اهڙي ڳالهه تي راضي ڪيو وڃي ته هو به اهڙن شدت پسندن جي مدد بند ڪن. تعلقاتن جي بهتريءَ لاءِ هندستان سان رابطا ختم ڪرڻ سان مشروط ڪري اسلام آباد انهن کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جيڪا دعوت ڏئي رهيو آهي ڇا، اهڙو عمل درست آهي.

افغانستان ۾ موجود پاڪستان مخالف قوتون تحريڪ طالبان پاڪستان، بلوچ علحدگي پسند قوتون ۽ القاعده هاڻي ختم ته نه ٿيون آهن، پر انهن جو ختم ٿيڻ ان ڳالهه تي مدار رکي ٿو ته آمريڪا جي قيادت ۽ عالمي برادريءَ جي پشت پناهيءَ ۾ هلندڙ اشرف غنيءَ جي افغان حڪومت ڪيتري قدر هلي رهي آهي ۽ سموري افغانستان ۾ طالبان ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳائين ٿا. ان بعد به طالبان يقينن انهيءَ اهم دور ۾ پاڪستان جي پنهنجي لاءِ حمايت يا مخالفت کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندا ته انهن ڏڙن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي، ان جو مدار افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت سنڀالڻ ۽ انهن جي مقامي ۽ بين الاقوامي پاليسين تي آهي. مختصر ته عمران خان، شاهه زين بگٽيءَ جي معرفت ناراض بلوچن سان جيڪا ” هم آهنگي ۽ لاڳاپا بهتر“ ڪرڻ لاءِ جيڪا دعوت ڏني آهي اها في الحال غير موثر آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.