افغان پناهگير  ۽ سنڌ حڪومت

افغانستان جي صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ عين امڪان اهو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ افغانستان تي طالبان جي حڪومت هُجي ۽ سمورو ملڪ هڪ دفعو وري طالبان جي رحم ڪرم تي هُجي، افغان مسئلو گذريل ٽيهه سالن کان هڪ اهڙو مسئلو رهيو آهي جيڪو هاڻي هڪ ناسور بڻجي ويو آهي جنهن جي ڇٽڻ جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن ،  جيئن هڪ تندرست  جسم جي ڪنهن حصي کي جيڪڏهن ڪينسر لڳي ٿو وڃي ته پوءِ سمورو جسم ان کان متاثر  ٿي ويندو آهي، اهڙي ئي نموني افغانستان جي جنگ پڻ سموري علائقي لاءِ هڪ ناسور وانگر آهي، جنهن جو اثر پاڪستان، ايران تي سڌو سنئون پئي ٿو. پر ان ڏس ۾ بدنصيبي اها آهي ته افغستان جي جنگ جو اثر پاڪستان جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي تمام گهڻو پئجي رهيو آهي ۽ گذريل ٽن سالن کان پئجي رهيو آهي.

هڪ اندازي موجب سنڌ ۾  چاليهه لکن جي لڳ ڀڳ افغان پناهگير آباد آهن، جڏهن ته ٻين ڌارين جو انگ ان کان علاوه آهي جيڪي پڻ لکن ۾ آهن، افغانستان جي موجوده صورتحال جي پيش نظر سنڌ تي انهن جي مفني اثر پوڻ شروع ٿي ويا آهن، جو هاڻي سنڌ جي ننڍڙن شهرن سميت ڳوٺاڻن علائقن تائين افغان پناهه گير اچي پهتا آهن نتيجي ۾ انهن علائقن جي مقامي ماڻهن سان ڇڪتاڻ ۽ جهڙپن جون خبرون هاڻي روز جي بنياد تي ميڊيا تي اچن ٿيون صورتحال اها آهي ته گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي جانورن جي پڙيءَ تي ڪاروبار ڪندڙ سنڌي واپارين کي ڦُر جي واردات ٿي آهي جنهن ۾ ڇهه افغاني ملوث ڄاڻايا وڃن ٿا، ان کان علاوهه به اڻ ڳڻيون وارداتون آهن جن ۾ افغاني پٺاڻ سڌو سنئون ملوث رهيا آهن.

افغان جنگ کي ٽيهن سالن کان مٿي عرصو ٿي چڪو آهي، نوي جي ڏهاڪي ۾ طالبان اقتدار ۾ آيا ته لکن جي انگ ۾ افغان پناهه گير پاڪستان ۾ داخل ٿيا جن مان هڪ وڏو انگ سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ خاص ڪري سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ۾ اچي ويهي رهيو جيڪو اڄ تائين واپس وڃڻ جو نالو نه ٿو  وٺي، جڏهن ان وقت افغان پناهه گيرن سان گڏ پاڪستان ۾ منشيات ۽ ڪلاشنڪوف پڻ پاڪستان ۾ داخل ٿي ۽ ان جو وڏو حصو وري به سنڌ اچي پهتو نتيجي طور تي ڪلاشنڪوف بدامنيءَ جو وڏو ڪارڻ ۽ هيروئن سنڌي سماج ۾منشيات جو هڪ بدترين اسم بڻجي وئي جنهن جي ڪر ي سماج بدترين بحران جي ور چڙهي ويو، هن وقت به افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ اهو ئي خطرو آهي ته هاڻي به جيڪي لکين افغان سرحد ٽپي پاڪستان ۾ ايندا انهن جي منزل اڳي پوءِ سنڌ ئي هوندي ڇو جو سنڌ حڪومت ڪنهن به ڌارئي کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ۽ ڪڏهن به ڪا موثر حڪمت عملي اختيار نه ڪئي آهي.

ملڪ ۾ افغان پناهه گيرن جي حوالي سان لڳي ٿو ته وفاق جي به ڪا پاليسي نه آهي جيڪڏهن هُجي ها ته ان جو اظهار ٿئي ۽ ان تي عمل ٿئي ها، پر ان جي ابتڙ اها هڪ حقيقت آهي ته افغان پناهه گيرن جي مسئلي تي صوبن پنهنجي پنهنجي دفاع لاءِ پنهنجيون الڳ سان پاليسيون جوڙي ورتيون آهن ۽ انهن تي عمل به ٿئي ٿو سواءِ سنڌ جي، پشاور جيڪو افغانستان سان لڳ آهي ۽ هڪ ئي نسل ۽ ٻوليءَ جي ماڻهن جو وطن آهي پر تنهن هوندي به تقريبن هڪ ڏهاڪو اڳ خيبرپختونخواهه حڪومت افغان پناهه گيرن کي پنهنجي صوبي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هُئي ۽ انهن جي شهرن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي هُئي، جيڪي افغان پناهه گير بچي ويا هيا انهن کي ڪيمپن ۾ رهايو ويو هو، ان بعد پنجاب حڪومت به اهڙي ئي پاليسي اختيار ڪئي ۽ موجوده صورتحال جي پيش نظر ته پنجاب حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪنهن به افغاني پناهگير کي صوبي ۾ رهائش لاءِ مسواڙ تي گهر، ڪاروبار لاءِ دڪان ڏيڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، جڏهن ته انهن جي ڪاروبار ڪرڻ تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي، ان بعد بلوچستان جي گهرو وزير گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪري افغان پناهه گيرن کي صوبي ۾ اچڻ ۽ رهڻ تي پابندي مڙهي آهي، انهيءَ ڏس ۾ انتهائي افسوس واري صورتحال سنڌ حڪومت جي آهي جنهن ڪنهن به قسم جي ڪابه پاليسي اختيار نه ڪئي آهي جڏهن ته افغان پناهه گيرن جي حوالي سان سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي.

ان ڏس ۾ اسان نه صرف سنڌ پر وفاقي حڪومت ۽ اختيارين کي به اها ئي گذارش ڪنداسين ته افغان صورتحال تي ڀرپور ٿي پنهنجي وطن ۽ عوام کي محفوظ بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺو، خاص ڪري وفاقي حڪومت کي اها ئي صلاح آهي ته افغان پناهه گيرن بابت ڪا جامع، واضح ۽ موثر پاليسي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، جو اهو مسئلو ڪنهن هڪ صوبي جو نه آهي پر وفاق جو آهي، وفاق جي ڪا پاليسي نه هجڻ ڪري صوبن پاڻ هرتا قدم کنيا آهن، ان ڏس ۾ اسان سنڌ حڪومت کي وري به اها ئي گذارش ڪنداسين ته وفاق کي افغان پناهه هگيرن کي سنڌ بجاءِ ٻين صوبن ۾ رهائڻ جا انتظام ڪري ۽ سنڌ حڪومت کي پڻ اها ئي گذارش آهي ته ان ڏس ۾ ڪا موثر حڪمت عملي اختيار ڪري ته جيئن سنڌ جو عوام ڪنهن ڊگهي مصيبت کان بچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.