قصو وري به نادرا جو…

حاڪم نصيراڻي

رب ڪائنات حسين دنيا ۾ مختلف رنگن روپن وارا خوبصورت انسان پيدا ڪيا،  هر ماڻھو کي سڃاڻڻ تمام ڏکيو آھي ان ڪري انسان جي سڃاڻپ تمام ضروري آھي.  جنهن انسان  جي ڪا سڃاڻپ ناهي هوندي معاشري ۾  ان شخص جي ڪا حيثيت ناهي هوندي.  سڃاڻپ سان پنهنجي ۽ پرائي جي خبر آساني سان پئجي ويندي آھي.  شايد ان ڪري هر ملڪ پنهنجي ملڪ جي عوام کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيندي آھي.

اوهان کي ياد هوندو ته ڪجهھ مهينا اڳ مون ان موضوع تي آرٽيڪل لکيو هو جنهن ۾ ڪوشش ڪئي هئي ته هر رخ کي ظاهر ڪيان.  مون پنهنجي ان آرٽيڪل ۾ نادرا جي هڪ ڳجهي تحقيقاتي ٽيم جو به ذڪر ڪيو هو جنهن ملڪ جي مختلف حصن مان پنهنجي اداري جي ملازمن جي سخت نگراني ڪئي آخر ڪار ڪجهھ ملازمن کي ڳجهي نموني گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو.  ان وقت مختلف اخبارن ۾ اهي سرخيون هيون ته انهن ماڻھن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي پر مون عوام آڏو حقيقتون رکيون هيون ته انهن کان پڇا ڳاڇا جاري آھي ان ڪري انهن جي گرفتاري کي ظاهر نه پئي ڪئي وڃي.  پڇا ڳاڇا کان پوءِ هاڻي انهن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي  آھي.  پڇا ڳاڇا دوران تمام اهم ڇرڪائيندڙ ۽ حيران ڪندڙ انڪشاف ٿيا آھن. رپورٽ ۾ اهو چيو ويو آھي ته سنڌ جا سٺ سيڪڙو نادرا جا آفيسر ڪرپٽ آھن جن پيسن عيوض ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا. ان رپورٽ کان پوءِ سنڌ جي آفيسرن جي ايمان ۽ وطن دوستي تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا.  ڇا انهن اهي ڪارڊ سياسي دٻاءَ ۾ ٺاهي ڏنا يا پيسي جي چمڪ کين انڌو ڪري وڌو.

روس افغان جنگ ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کان پوءِ  اسان جي خطي ۾ ڪافي تبديليون آيون خاص طور افغانستان جي پناهه گيرن ۽ ان سان گڏ اتان جي دهشتگرد ويڙھاڪن مظلوميت جو ويس پائي سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنڌو جي مٺي پاڻي جي تاثير کين واپس پنهنجي وطن ورڻ کان روڪي وڌو.  اهڙي ريت هزارين افغان پناهه گير سنڌ جو حصو بڻجي ويا.

برمي بنگالي بهاري ۽ بنگلاديشي ته اسان وٽ اڳ به وڏي انگ ۾ رهن پيا جن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي مطلب لٺ ۽ چٺ وسيلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويا اهي هن وقت پاڪستاني ڪارڊ تي  اهي سڀ رعايتون ۽ فائدا حاصل ڪري رهيا آھن جيڪي اصل پاڪستاني کي حاصل آھن.

ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کان پوءِ آمريڪا افغانستان تي پنهنجي اتحادي فوج سان اهڙا ته حملا ڪيا جو دنيا جي طاقتور سگهاري تنظيم القائده جي چيلھه چٻي ٿي وئي.  آمريڪي فوج جي سٽ نه سهندي طالبان ۽ القائده جي مک ماڻھن فرار ٿي يا پناهه گيرن جي شڪل ۾ نالا مٽائي پاڪستان جو رخ ڪري پرسڪون زندگي گذارڻ لڳا.  نادرا جي تحقيقاتي ۽ ايف آءِ اي جي رپورٽ موجب مختلف پابندي مڙھيل تنظيمن جي هزارين ويڙھاڪن سان گڏ لکين ڌارين کي پاڪستان جا  شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا.  انهن ڌارين ملڪ جي مختلف حصن خاص طور ڪراچي ۾ دهشتگرد حملا ڪري معصوم ماڻھن  کي ابدي ننڍ سمهاري ڇڏيو ۽ نقلي نالن سان ٺهيل ڪارڊن وسيلي وارداتون ڪري آساني سان ملڪ مان فرار ٿي ويا.  ايتري تائين جو دشمن ملڪ پنهنجي ماڻھن کي ايجنٽن معرفت ڳري رقم عيوض پاڪستاني نقلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏنا جيڪي جعلي دستاويزن تي ٻاهرن ملڪن ڏانهن به ايندا ويندا رهيا آھن.  وفاقي تحقيقاتي اداري جي رپورٽ مطابق هن وقت تائين لڳ ڀڳ چاليھه لک جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا آھن.  اهي ڪارڊ انهن کي ايجنٽن معرفت وڏي رقم وٺي ٺهرايا جنهن ۾ نادرا جا ڪجھه آفيسر به ملوث آھن.  اصل ۾ ڌارين کي پيسن عيوض سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ڪا معمولي ڳالهھ ناهي. اهو عمل قومي غداري جي ليکي ۾ اچي وڃي ٿو.  جن ماڻھن ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا انهن ڄڻ ته مقامي ماڻھن جي حقن تي هٿ وٺي ڌاڙو هڻايو . اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ صرف لالچي ضمير فروش انسان واري آھي.  واقعي وڏڙن سچ چيو آھي ته لالچ بري بلا آھن لالچ انسان کي انڌو ڪري ڇڏي ٿي لالچ ۾ اچي انسان صحيح غلط جي پرک وساري ويهي ٿو لالچ ۾ اچي انسان قوم سان غداري به ڪري ويهي ٿو سو اهڙو عمل نادرا جي ڪرپٽ ڪامورن ۽ ايجنٽس ڪري ڏيکاريو.  اهڙن ماڻھن پنهنجي شخصي مفادن جي ڪري قومي مفادن کي نقصان پهچايو آھي .  اهڙن لالچي ماڻھن جي ڪري بيگناه مارجي ويل  معصوم شھرين جا قاتل آساني سان قانون جي اکين ۾ ڪيري وجهي ملڪ کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.  ڪيترا ئي انسانيت کي لڄائيندڙ مڪروه چھرا پنهنجي سڃاڻپ لڪائي پنهنجي گندي ذھنيت سان اسان جي صفن ۾ شامل ٿي اسان مٿان وار ڪرن ٿا پيا.  هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ايتري وڏي تعداد ۾ جڏهن ڪارڊ ٺھن پيا تڏهن ڪنهن کي به ڪا ٻڙڪ ڇو نه پئي.  جن ماڻھن کي اهي ڪارڊ مليا اهي هن وقت ڪٿي آھن.  ڇا نادرا وٽ اهڙو ڪو سسٽم آھي جو انهن ڪارڊن کي بلاڪ ڪري ڇڏجي.  جڏهن ته ايف آءِ اي ان جي دعويٰ ڪئي آھي.  ڇا گرفتار آفيسرن ايجنٽن ۽ افغانين کي قانون مطابق سزا ملندي يا اهو ڪيس به خاموشي سان خاموش ٿي ويندو.

هي ڪا معمولي ڳالھه ناهي ان سازش ۾ چيني ڪائونسل خاني تي حملو ڪندڙ ۽ صفوره ڌماڪن ۾ ملوث جوابدارن کي به جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھي مليا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.