مريم ۽ بلاول کي ڪشمير تاريخ جي خبر ئي نه آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد  ( م ڊ ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي، ته مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو کي ڪشمير جي تاريخ جي خبر ئي نه آهي، بيان ۾ هن چيو ته ٻنهي اڄ تائين پاڪستان جي لاءِ ڪيو ڇا آهي، هنوڌيڪ چيو ته بلاول ۽ مريم اڄ تائين هڪ رپيو به نه ڪمايو آهي، ڪڏهن پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر نه ڪيو آهي، سون جي چمچن ۾کائيندڙ اڄ پنهنجي پيءُ جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ نڪتا آهن. فواد چوڌري چيو ته هن ٻنهي جي پارٽين ۾ جمهوريت جي بجاءِ بادشاهي ڪلچر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.