او ٻاوڙي مان يارهين ڪلاس جو نينگر گم، اغوا جو شڪ

اوٻاوڙو (رپورٽ:  عبدالحئي ڇڄڻ )اوٻاوڙو ۾ اغوائن جي وارداتن ۾ گھتائي نه اچي سگھي پوليس علائقي جي عوام کي ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو علائقي واسي پريشان اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻوڙي جو رھواسي يارهين ڪلاس جو شاگرد شفقت الله ولد حافظ فوج علي  سولنگي ٻن ڏينھن کان لاپتا ٿيل آهي، جيڪو گھران سامان وٺڻ لاءِ  اوٻاوڙو ويو ته واپس گھر نه موٽيو وارثن اوٻاوڙو پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس نينگر جي ڳولا لاءِ ڪي به اپاءُ ورتا وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، ان موقعي تي گم ٿيل نينگر جي والد حافظ فوج علي سولنگي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي ڪنھن سان دشمني نه آھي منھنجو پٽ گھر جو سامان وٺڻ لاءِ شھر ويوگھر نه موٽيو جنھن جي مائٽن دوستن وٽ ڪافي ڳولا   باوجود خبر نه پئجي سگھي آھي لڳي ٿو ته منهنجي پٽ شفقت الله کي اغوا ڪيو ويو آهي، منھنجي گھر ۾ روڄ راڙو متل  آھي اطلاع باوجود اوٻاوڙو پوليس منھنجي ڪابه مدد نه ڪئي آھي مان ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ اعلي حڪام کي اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي ٻچڙي کي بازياب ڪرائي گھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.