مهانگائي سڀني لاءِ آهي، الائونس سول ملازمن جو به وڌايو: احسن اقبال

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال هٿياربند فوجن جي آفيسرن ۽ جوانن جي بنيادي پگهار ۾ 15 سيڪڙو جي برابر خاص الائونس جي تجويز جي خبر تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ احسن اقبال چيو ته 15 سيڪڙو اسپيشل پي الائونس برابر طور سڀني سول ۽ ملٽري ملازمن کي ڏنو وڃي. سندس موجب اهڙا امتيازي فيصلا ملڪ ۾ سول ملٽري ورهاست گهري ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا، مهانگائي سڀني ملازمن لاءِ هڪ جهڙي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.