ٽنڊي محمد خان ڊي ايڇ او آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ٽنڊو محمدخان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان ۾ سال 2017-2018-2019-2020  ع ۾ٿيندڙ مختلف  اسپتالن جي سامان ۽ مختلف نون ھيلٿ سينٽرن جي سامانن پئٽرول اسپتال جي مشينن، دوائن ۽ مريضن جي کاڌ خوراڪ، ننڊن ملازمن جي وردين جي خريداري  ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۾ اڳوڻي جونيئر ڪلارڪ عبدالستار خاصخيلي خلاف جاچ شروع ڪري ڏني آھي ٻئي طرف سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان وٽ ڊي ايڇ او جي ان وقت جي جونيئر ڪلارڪ عبدالستار خاصخيلي کي اڪائونٽنٽ جي سيٽ تي ويھاري سرڪاري خزاني ۾ لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي ويئي آھي جنھن جي جاچ ھلندڙ آھي ھن  چيو ته اسان منصفاڻي جاچ ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين ,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.