لاهور کان ٽنڊي محمد خان آيل ناري پريمي سميت گرفتار

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ گولو جسڪاڻي مان پوليس 25 سالن جي  علي رضا جسڪاڻي ۽ سندس پنجاب کان آيل پريميڪا 45 سالن جي  زويا کي گرفتار ڪري ٽنڊو محمد خان سٽي ٿاڻي تي حراست ۾ رکي ڇڏيو آهي ، ٽنڊو محمد خان پوليس لاهور کان آيل پوليس اهلڪارن جي موبائيل فون ٽريس ڪرڻ تي ڳوٺ گولو جسڪاڻي ۾ موجود 45 سالن جي لاهور واسي زويا ۽ سندس پريمي 25 سالن جي نوجوان علي رضا جسڪاڻي کي حراست ۾ وٺي سٽي ٿاڻي تي رکيو آهي ، جن کي پوليس ڪسٽڊي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ، ڄاڻايو ويو آهي ته ٽنڊو محمد خان واسي نوجوان علي رضا جسڪاڻي موبائيل فون تي 3 مهينن کان لاهور واسي 45 سالن جي زويا سان موبائيل تي رابطي ۾ هو سندس پريميڪا لاهور کان اچي کيس ٽنڊو محمد خان ۾ ڳولي ورتو ۽ سندس ڳوٺ پهچڻ تي  لاهور کان آيل پوليس ۽ ٽنڊو محمد خان پوليس اهلڪارن کين سوگهو ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.