عمران خان جي ڪارڪردگي ڪوڙ۽ بدزباني تي ٻڌل آهي : مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (م ڊ ) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته 3 سالن دوران عمران خان جي ڪارڪردگي ڪوڙ، بدزباني، بدڪلامي ۽ بداخلاقي تي ٻڌل رهي آهي.پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي ڪارڪردگي نوازشريف ۽ شهباز شريف جي منصوبن تي نيون تختون لڳائڻ ۽ پراڻيون ڪڍڻ آهي، عمران خان جي ڪارڪردگي نوازشريف ڪڊني اسپتال جو نالو تبديل ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪوڙي ۽ ڪريل ذهنيت عوام جي خدمت ۾ ناڪامي تي ڪريل حرڪتون ڪندي آهي.. نوازشريف ۽ شهباز شريف ڏينهن رات پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. 22 ڪروڙ عوام جي دل ۾ نوازشريف ۽ شهباز شريف جي خدمت جون تختيون لڳل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.