لاڙڪاڻو: آپريشن دوران عورت سان لڄالٽ معاملي جو فيصلو، ڊاڪٽر شيعب ڏوهي قرار، 50 لک ڏنڊ ، مگسي برادري پاران فيصلو رد

لاڙڪاڻو (رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڄنڳهه جي آپريشن دوران آپريشن ٿيٽر ۾ پرڻيل  عورت سان مبينا جنسي زيادتي وارو معاملو، معاملي جي فيصلي ۾ ڊاڪٽر شعيب چانڊيو کي ڏوهي قرار ڏيندي
/ڏسو صفحو 7 ڪالم 5 50 لک روپيه چٽي وڌي وئي، 5 لک روپيا معاف ڪيا ويا، ڊاڪٽر تڏي تي 10 لک روپيه ادا ڪري ڇڏيا، ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو، ذريعن موجب ناري جي وارث مگسي برادري فيصلي کي رد ڪري صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم پي اي معظم علي عباسي جي سرپنچيءَ ۾ ڪوٽ دراب عباسي ۾ چار مهينا اڳ شهر جي سچل ٿاڻي جي حد ۾ قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ شادي شده عورت غلام فاطمه مغيري کي ڄنڳهه جي آپريشن دوران نشو ڏئي آپريشن ٿئيٽر ۾ مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو فيصلو ٿيو جنهن ۾ عورت جي ڌر طرفان مير فهد خان مغيري، محمد طاهر مغيري، سيد مجاهد شاهه، اخلاق شاهه، گل حسن مغيري ۽ علي حسن ملگاڻي جڏهن ته خانگي ميڊيڪل سينٽر ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ڌر طرفان مير محمد حسن سومراڻي چانڊيو، ڏاتا خان چانڊيو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ڪيس ۾ نامزد ڊاڪٽر شعيب چانڊيو ۽ ٻين کي ڏوهي قرار ڏيندي سندن مٿان 50 لک روپيا چٽي وڌي وئي جتي ڊاڪٽر شعيب جي ڌر طرفان آيل ماڻهن ٿڏي تي 10 لک روپيا ادا ڪري ڇڏيا ان تي فيصلي جي امين چٽي جي رقم مان 5 لک روپيه کين معاف ڪري ڇڏيا جڏهن ته ٻي رهيل رقم 35 لک قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. اهڙي فيصلي بعد ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو. ذريعن موجب عورت غلام فاطمه مگسي ذات جي آهي جنهن جي شادي ڏي وٺ عيوض نثار مغيري سان ٿي هئي. ٻڌايو پيو وڃي ته مگسي برادري طرفان اهڙي فيصلي کي رد ڪندي پنهنجي چڱن مڙسن ۽ برادري جي ماڻهن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ڪو حتمي فيصلو ڪيو ويندو. واضع رهي ته گذريل 12 مارچ جي رات شهر جي سچل ٿاڻي جي حد چانڊڪا پل وٽ قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڄنڳهه جي آپريشن دوران پرڻيل  عورت فاطمه زال نثار مغيري الزام لڳايو هو ته آپريشن دوران نشو ڏئي ڊاڪٽر شعيب چانڊيو، ٽيڪنيشن عقيل ڀٽو، توفيق لغاري ۽ علي نواز ناريجو کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي اهڙو ڪيس عورت جي مڙس جي فرياد تي حد جي سچل ٿاڻي تي داخل ٿيو جنهن تي پوليس ڪيس ۾ نامزد ٽيڪنيشن عقيل ڀٽو، توفيق لغاري ۽ علي نواز ناريجو کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو جتان عدالت کين جيل اماڻي ڇڏيو هو. جڏهن ته ساڳي ئي ڪيس ۾ جوابدارن جا جزا وٺي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائسز (لمس) ڄامشورو اماڻيا ويا هئا جن مان ڊاڪٽر سميت ٽيڪنيشن جا جزا عورت جي جزن سان مئچ ٿي نه سگهيا هئا جڏهن ته هڪ ٻئي نامعلوم همراهه جي جزن جي پڻ تصديق ٿي هئي جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.