نصيرآباد واسي 16 هين ڏينهن به ڪامريڊ سينگار جي آزادي لاءِ روڊن تي، ڌرڻو ، نعرا

باڊھ  (رپورٽ : نظام ڪولاچي ) عوامي ورڪرز پارٽي ۽ وارثن جي سڏ تي 16هين ڏينهن به شديد گرمي ۾ سوين عورتن، سياسي، سماجي ڪارڪنن، پورهيتن ۽ شهرين ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي جا نعرا بلند رکيا. احتجاجي ريلي نوناري پاڙي کان شروع ٿي مک بازار ۾ ڌرڻي جي صورت اختيار ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي يوٿ سيڪريٽري خان غفار خان چيو ته اسانجي تنظيم ملڪ جي آئين ۽ قانون مطابق اليڪشن وڙهندڙ رجسٽرڊ تنظيم آهي ۽ سينگار نوناري هتان جو چونڊيل ڪائونسلر پڻ رهيو آهي. اهڙن عوام دوست سياسي اڳواڻن کي کنڀي گم ڪرڻ آئين ۽ قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي. عدالتون ۽ ادارا به اوهان جا ٺهيل، قانون به اوهان ٺاهيو ۽ انهن کان خوفزده به اوهان آهيو! جيڪڏهن عوامي حقن لاءَ جدوجهد ڪرڻ ڏوهه آهي ته ان ڏوهه ۾ سينگار نوناري اڪيلو شامل ڪونهي، بلڪ اسين سڀ پرامن عوامي جدوجهد ڪندڙ آهيون.خان غفار خان شريڪ ٿيندڙ تنظيمن، پورهيتن، ڪاروباري، سياسي سماجي ڌرين جو ٿورا پڻ مڃيا، جيڪي لڳاتار 16هين ڏينهن به سينگار نوناري جي آزاديءَ لاءِ سراپا احتجاج آهن.ڪامريڊ سينگار نوناري جي امڙ ، امان هير ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو ته سامهون بيٺل سڀني پٽن، ڌيئرن ۾ مان سينگار ڏسان ٿي، اوهان منهنجي رانجهي جي آزادي لاءِ روز اچو ٿا، مان چاهيان ٿي ته اڄ ئي منهنجو ٻچڙو آزاد ٿي گهر اچي. سينگار ماڻهن جي مدد ڪندڙ ماڻهو آهي، ائين مدد ڪندڙ ٻچڙا کنڀي گم ڪرڻ جو احساس مونکان پڇو. منهنجو ٻچو اڄ ئي مونکي آزاد کپي.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شوڪت تنيو چيو ته ڪامريڊ سينگار جي پرامن سياست ۽ بي ڏوهي هجڻ جي ساک اسان شهري ٿا ڏيون، سينگار مٿان ڪنهن به قسم جو ڏوهه ثابت ٿئي ته ان جا ذميوار اسان شهري آهيون. سينگار پرامن ۽ ايماندار سياست ڪندڙ اڳواڻ آهي. احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي ۾ ناري جمهوري محاذ، پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، عوامي جمهوري پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو ، شهري اتحاد نصيرآباد، قومي عوامي تحريڪ، نون ليگ، گسٽا، رائيس ملز مزدور يونين، نمنان ، ڪمنان ، ڪبوا ، نمسوا ،بوٽ يونين هائوس، ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن ، شيعا علماءِ  ڪائونسل، سنڌي سٿ ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن ڀرپور شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.