50 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو جلد ويڪسين هڻائن: اسد عمر

اسلام آباد(م ڊ) اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر جو چيو آهي ته 50 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا مان گهڻو خطرو آهي،اهڙا سمورا ماڻهو جلد کان جلد ڪورونا جي ويڪسين هڻائن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 72 لک ماڻهو 50سالن کان وڏي ڄمار جا آهن، ۽ 50 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا مان گهڻو خطرو آهي. اين سي او سي جي سربراهه چيو ته هن وقت تائين 50 سالن کان وڏي عمر جي 56 لک ماڻهن کي ويڪسين هڻي چڪا آهيون، 50 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو جلد ويڪسين هڻائن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.