افغانستان مان آيل 22 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق

ڪراچي (م ڊ ) افغانستان مان ڪراچي ايندڙ 22 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، صحت کاتي موجب وائرس ۾ مبتلا 22 ڄڻن ۾ هڪ عورت ۽ چار ٻارڙا به شامل آهن، متاثرن کي دنبا ڳوٺ ۾ قائم قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض مان ڪراچي پهتل اڏام جي 17 مسافرن ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.