لاهور ۾گهر مان ماڊل جو تشدد ٿيل لاش هٿ

لاهور(م ڊ ) لاهور ۾هڪ گهر مان ماڊل جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، لاهور جي علائقي ڊفينس بي جي گهر مان ماڊل ناياب جو لاش هٿ آيو آهي، پوليس موجب ڊيفنس جي علائقي فيز فائيو ۾ گهر مان ماڊل ناياب جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، 29 سالن جي ماڊل کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، مقتولا غير شادي شده هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته اڻ ڄاتل جوابدارن ناياب کي تشدد جو نشانو به بڻايو، مقتولا ناياب جي ماٽيلي  جي مدعيت ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته مدعي محمد علي موجب هو ڀيڻ جي گهر ويو ته هن جو لاش زمين تي پيل هو، ماڊل ناياب گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي ۽ هن جي گهر جي باٿ روم جي ڄاري به ٽٽل هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.