ڪورونا سبب بلوچستان ۾ جمعي ڏينهن مارڪيٽون بند

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان حڪومت ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جي ڪري صوبي ۾ جمعي جي ڏينهن سموريون مارڪيٽون بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان ڪورونا ڪيسن جي شرح وڌي رهي آهي. لياقت شاهواڻي جو چوڻ آهي ته شاپنگ مالز ۽ ٻين جاين تي ايس او پيز تي عملدرآمد نه پيو ٿئي، بلوچستان ۾ مارڪيٽون ۽ بازار 10ون وڳي بند ٿينديپن. سندس چوڻ هو ته جمعي جي ڏينهن سموريون مارڪيٽون بند رهنديون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ 70 سيڪڙو جي گنجائش سان آپريٽ ڪري سگهندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.