ڳڙھي ياسين ڀاءُ ڀيڻ واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا

ڳڙھي ياسين( رحيم بخش سومرو ) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ غلام مصطفيٰ شر ۾ گھرن ٻاھران مونگر واھ وٽ ٽِن ورھين جي شڪيلان ڌيءَ اشد شر ۽ ٻن ورھين جو سندس ڀاءُ آصف پُٽ راشد شر راند ڪري رھيا ھئا ته اچانڪ پير ترڪڻ سبب نينگر واھ ۾ ڪري پيو ڀاءُ کي بچائيندي معصوم نينگري به ٻڏي فوت ٿي وئي اطلاع تي ڳوٺاڻن پھچي نينگري ۽ نينگر جا لاش واھ مان ٻاھر ڪڍيا ٻنھي معصومن جا لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو نينگري ۽ نينگر جا لاش ڏسي ماءُ کي بيھوشي جا دورا پوندا رھيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.