نادرا پاران 40 لک ڌارين کي ڪارڊ وارو ڏوهه لڪايو پيو وڃي: رياض چانڊيو

ڪراچي) پ ر (جيئي سنڌ محاذ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ايف آ# اي جي اعلي عملدار جي طرفان آيل تحقيقاتي رپورٽ ته سنڌ ۾ چاليھه کان پنجاھ لک , غير ملڪين کي نادرا ڪارڊ جاري ڪري ڏنا آھن, سنڌ جي ساڃاهه وندن سالن کان اهو آواز پئي اٿاريو ته نادرا قانون جي لتاڙ ڪري مقامي ماڻھن کي ته ڪارڊ نه پئي ٺاهي ڏي پر سنڌ ۾ ٻاهران پهتل دھشتگرد ۽ ڌاريا اهي ملڪي شھري بڻجي وڃن ٿا حڪمرانن جي ترجيح اها آھي  ته سنڌ ۾ غيرملڪي آبادي جو تعداد وڌائي ,ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪجي , اها انصاف ۽ قانون جي تقاضا  ناهي ته ٻه ٽي نادرا عملدار گرفتار ڪري هن قومي ڏوھ کي لڪايو وڃي, ۽ ملڪ جو وزير داخلا شيخ رشيد هڪ به جگاڙي پريس ڪانفرنس ڪري هن ڏوھ مٿان پردي وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي,سنڌ جو هر عام ۽ خاص شھري ڄاڻي ٿو ته رشوت جي عيوض هن ملڪ ۾ سڀ ڪم جائز آھي, رياض علي چانڊيو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ايف آء اي جي عملدار عامر فاروقي جي هيڏي وڏي انڪشاف کان پوءِ اقتدار  جي نشي ۾ ۽ سنڌ جي دولت لٽڻ جي نشي ۾ ايتري ته بد حواس بڻيل آھي ته هن مسئلي  تي وفاق سان ڳالهائي,  نيب جي ڪاروائين تي ته پ پ سرڪار فورن طاقتور قووتن سان فورن ڳالهائيندي آھي پر  ظلم ته اهو آهي ته عمران خان مديني واري رياست جي دعوا ڪري ٿو پر نادرا جي هيڏي ڏوهي عمل تي هڪ لفظ به ڳالهائڻ لاء تيار ناهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.