فلسطينين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ عالمي قانوني جي ڀڃڪڙي آهي: گڏيل قومون

نيويارڪ (م ڊ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوترش اردن جي اتر واري علائقي حمصه الفوقا ۾ اسرائيلي عملدارن هٿان فلسطينين جا گهر ڊاهڻ ۽ ٻين ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن جي صدر آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته  فلسطينين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ عالمي قانوني جي خلاف ورزي آهي،هن اسرائيلي عملدارن تي زور ڀريو ته اهي غرب اردن ۾ فلسطينين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ انهن تي قبضو ڪرڻ جو سلسلو بند ڪن.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي عملدارن پاران گڏيل قومن ۽ ٻين غير سرڪاري فلاحي ادارن جي ڪارڪنن کي  حمصه الفوقا وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو ان لاءِ اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اتان جي رهواسين کي ڪهڙي قسم جو ڏکيائيون درپيش اچي رهيون آهن.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾آخري ون ڊي سڀاڻي کيڏي ويندي

برمنگهم ِ(م ڊ )پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ون ڊي انٽرنيشنل ميچ(سڀاڻي) اڱاري کان برمنگهم ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم انگلينڊ کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0_2 جي سرسي حاصل آهي،

سوڊان ۾اسپورٽس ڪلب ۾ بم ڌماڪو، 4 ڄڻا فوت

خرطوم (م ڊ ) سوڊان جي العامر اسپورٽس ڪلب ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سوڊان ۾ بحيره احمر بندگاه جي علائقي ۾ واقع العامر اسپورٽس ڪلب جي ڌماڪي جي نوعيت فوري طور تي سبب معلوم نٿو. ڌماڪي کانپوءِ هٿياربند حملي ۾ وڌيڪ 3 ماڻهن کي گوليون هڻي ۽ ڇرين سان زخمي ڪيو ويو.

والاريل ڪشمير ۾ جيل نظربند حريت پسند جي زال آپگهات ڪري ورتو

سرينگر (م ڊ ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ۾ ضلعي ڪولگام سان واسطو رکندڙ جيل ۾ نظربند هڪ حريت پسند ڪارڪن جي زال آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق 25 سالن جي عورت ڏکڻ ڪشمير ۾ ضلعي ڪولگام جي علائقي قاضي گنڊ ۾ پنهنجي گهر ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.