فواد حسن فواد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (م ڊ) نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد ۽ گهروارن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻڌڻي اڄ(سومر تي) ٿيندي. عدالتي حڪم تي فواد حسن فواد پيش ٿيندو. احتساب عدالت فواد حسن فواد جي زال ۽ ڀاڃائي کي حاضري کان مستقل استثني ڏنل آهي. آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نيب طرفان فواد حسن فواد خلاف عدالت ۾ ريفرنس دائر ڪيو ويو آهي جنهن مطابق فواد حسن فواد تي 4 ارب 56 ڪروڙ 51 لک 26 هزار 904 روپين جي غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ جا الزام آهن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.